سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ ٻن شهرين جي مبينا قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين پاران ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو۔ ڊاڪٽر هوتچند، ايس ٽي پي اڳواڻ ممتاز لغاري، مولوي حسن قاسمي، امير البحر جي آڪاش ٻاگهل، نظير احمد هٿيار،  ايس يو پي جي گل حسن رند، حميد الله سنڌي، ايم ڊبليو ايم جي مظفر لغاري، نثار ميمڻ ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سجاول پوليس نااهلي جي انتها ڪري ڇڏي آهي ٽي ڏينهن اڳ نامعلوم جوابدارن پاران سورج رائيس مل جي ملازم نريش ڪمار جا ٻئي هٿ پٺيرا ٻڌي ڦاهو ڏئي قتل ڪيو ويو آهي پر پوليس فقط مل جي ڪجهہ مزورن کي گرفتار ڪري خانہ پوري ڪئي آهي ۽ ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود هن قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران هن قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏئي رهي آهي. جڏهن تہ منشيات سان ڀريل ڪار جي ڊرائيور پاران موٽر سائيڪلن کي ٽڪر هڻي شهرين کي زخمي ڪرڻ واري معامري ۾ فوت ٿي ويل نوجوان امير بخش ملاح جي وارثن پاران انصاف لاء هنيل ڌرڻي ۾ وارثن کي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائڻ بعد پوليس وارثن جي فرياد تي نوجوان کان حياتي کسڻ جي ذميوارن تي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران حادثي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو چئي وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي۔ هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ سجاول پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ نااهلي جو نوٽيس ورتو وڃي.