سجاول جوڻيجو (ن پ ا) ڊي اي او سيڪنڊري قمبر انيس الرحمان جلباڻي سجاول جوڻيجو تعلقي جي ڇهني يوسين ۾ 17 ميل ۽ 7 في ميل اميدوارن کي پي ايس ٽي جا آفر آرڊر  ڏنا.تعلقي ۾ ميل 34 في ميل 11 ٽوٽل 45 اميدوار پاس ٽيسٽ پاس آهن، 20 کان مٿي نوجوانن آفر آرڊر نه ملڻ تي ڊي اي او آفيس اڳيان هٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.ميهر سومرو، آصف سومرو، سرفراز ساريو، جميل ساريو، انعام ساريو احتجاج ڪندي چيو ته ڊي اي او سيڪنڊري من پسند ماڻهن کي آفر آرڊر جاري ڪري رهيو آهي، آرڊر نه ڏنا ويا ته ڪورٽ سڳوري جو درکڙڪائينداسون. هوڏانهن ڊي اي او سيڪنڊري رابطي تي ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ 17 ڇوڪرن ۽ 7 ڇوڪرين کي آفر آرڊر ڏنا آهن.اڄ ڪمشنر ۽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سان ميٽنگ رٿيل آهي، ان کان پوءِ سيڪريٽري تعليم ۽ سيڪريٽري فنانس کان پرميشن وٺي رهيل آفر آرڊر ڏبا.