سجاول جوڻيجو  (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ گهنور قريشي ۾ اختيار علي جتوئي ۽ نور جتوئي کان پنهنجي برادري جي ماڻهن مبينا طور ڀتو گهريو نه ڏيڻ تان جوابدارن ٽريڪٽرن مٿان فائرنگ ڪري انجڻن کي تباھ ڏئي فرار ٿي ويا، اطلاع باوجود پوليس 2 ڪلاڪن بعد واقعي واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻن کان تفصيل وٺي واپس رواني ٿي وئي، جنهن بعد متاثر ڳوٺاڻن سجاول جوڻيجو ٿاڻي ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج دوران جتوئي برادري جي ماڻهن هوٽل تان بينچون کنيون ته مظاهرين جتوئي ۽ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ ظفراﷲ، امتياز، مشتاق، صدام، خالد، ممتاز سميت ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن بعد ٻئي ڌريون ٿاڻي پهتيون ۽ هڪٻئي جي 15 ماڻهن خلاف اين سي داخل ڪرائي، پوليس زخمين کي ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جتوئي برادري جو هڪ ڄڻو گرفتار ڪيو ويو، ٻي طرف گرفتاري خلاف ٻيهر جتوئي برادري جي ماڻهن احتجاج ڪندي اختيار علي، نور خان، امتياز ۽ ٻين دانيهندي چيو ته ڀتو نه ڏيڻ تان اسان تي پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن خلاف اسان احتجاج ڪيو ۽ هوٽل جون بينچون کڻڻ تي جوڻيجا برادري جي ماڻهن اسان سان جھيڙو ڪيو آهي، پوليس به انصاف بدران اسان جو همراهه گرفتار ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف جوڻيجا برادري ٻڌايو ته جتوئي اسان جي هوٽل تان زبردستي بيچون کڻي روڊ بند ڪري رهيا هئا، منع ڪرڻ تي اسان تي حملو ڪري اسان جي 4 ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو.