سجاول جوڻيجو (ن پ ا)  سجاول جوڻيجو جي شاخن ڀٽا مائينر، سونھارو ڀٽي، ٽانوري شاخ، سکر واھ، گل شاهه شاخ، مستوئي شاخ، لغاري مائينر ۽ ڏھر شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن سجاد شاھ، فتح محمد وڌو، نديم ڀٽي، ستار ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته پاڻي کوٽ سبب ساريالو ٻيجارو ۽ ٻيا فصل سڙي رهيا آهن. ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ايس ايڇ او مظاھرين وٽ پھچي انجنيئر سان فون تي رابطو ڪري پاڻي ڏيڻ جو واعدو وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو.