سانگهڙ: پوليس ھٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو

0
281

سانگهڙ(ن پ ا) پوليس ھٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان رياض ڪلھوڙي جي وارثن لاش رکي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي سانگهڙ _ ميرپور ۽ چوٽياري روڊ بند ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ نوجوان رياض ڪلهوڙو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ڏوهاري ڄاڻايو هو، جيڪو رات جو ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.

نوجوان جي پيءَ علي نواز ڪلهوڙو جو چوڻ آهي ته منهجو پٽ نشي جو عادي هو، نشو واپرائڻ سبب گهر ۾ جهيڙو ڪندو ھو، جنهن کي مان پاڻ سانگهڙ پوليس حوالي ڪيو ته جئين هو سڌري پوي.

هن چيو آهي ته ايس ايڇ او سانگهڙ نوجوان کي جيل موڪلڻ بجاءِ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس قتل ڪيو آھي، پٽ جي بيگناهه خون سان انصاف ڪيو وڃي.