سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ واسي نوجوان بلوچستان ۾ پٺاڻن وٽ قيد هئڻ جو انڪشاف، تشدد جي وڊيو وائرل، گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو، خبر موجب شهر جي واصف ٽائون واسي نوجوان اسلم لغاري جي ڪوئيٽا ۾ قيد هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾ نوجوان تي تشدد واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سندس گهر ڀاتي پريشان ٿي ويا آهن، رابطو ڪرڻ تي نوجوان جي گهر واري ملوڪان ٻڌايو ته سندس مڙس کي مزدوري لاءِ پاڙيسري صابر جمالي حيدرآباد وٺي ويو، جنهن کي 2 مهينا ٿي ويا آهن ته واپس ناهي آيو، هن چيو ته اسان کي بلوچستان مان تشدد واريون وڊيو موڪليون پيون وڃن، جنهن ۾ تشدد ڪندڙ چون ٿا ته صابر جمالي هن کي هتي وڪرو ڪري ويو آهي، اسان کي 40 لک موڪليو، هن ٻڌايو ته اسان غريب آهيون ايترا پيسا ڪٿان آڻيون، ملوڪان ٻڌايو ته اهڙيون وڊيو اچڻ بعد پوليس کان مدد گهرڻ لاءِ ٿاڻي تي ويس پر پوليس به هڪ نه ٻڌي، هن چيو ته مڙس جي اغوا بعد معصوم ٻارڙن جو پيٽ پالڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، هن اختيارين کي اپيل ڪئي ره مڙس کي بازياب ڪرايو وڃي.