سانا پاران قرض پروگرام شروع، درخواستون به طلب

0
847
سانا پاران قرض پروگرام شروع، درخواستون به طلب
سانا پاران قرض پروگرام شروع، درخواستون به طلب

سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا )سانا( طرفان ناليواري سماج سڌارڪ، سانا جي لائيف ميمبر سائين علي نواز ميمڻ جي زندگي ڀر جي خدمتن جي مڃتا لاءِ سندس نالي سانعلي نواز ميمن آپرچونٽي لونسانا  انمولقرض حسنه پروگرام شروع ڪري رهيو آهي، جيڪو مختلف پروفيشنل شعبن ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ سنڌي ماڻهن کي بنا وياجَ جي قرضن جي فراهميءَ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، هي پروگرام سانا جي هڪ ممتاز لائف ميمبر علي نواز ميمڻ جي حياتيءَ تائين ڪيل شاندار خدمتن جي عيوض کيس خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي

ڊاڪٽر سرفراز ميمڻ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي سانا  انمول پروگرام جي نگراني ڪندي. ساڻس ساٿَ ۾ مرحوم علي نواز ميمڻ جو پٽ اٽارني ڪامران ميمڻ  ۽ سانا جو اڳوڻو خزانچي حسنين شيخ شامل آهن

سانا  انمول پروگرامَ جو بنيادي مقصد، سنڌي ماڻهن جي مالي سهائتا/مدد فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اُهي پنهنجي پسند جي شعبن ۾ ترقي ماڻين. جڏهن ته هن پروگرام جو خاص ڌيان صحت، ووڪيشنل تربيت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن اهم شعبن تي آهي ته جيئن نوجوان ڇوڪرا ء ڇوڪريڳن پنهنجي ڪيريئر ۾ اڳتي وڌي پنهجن خاندانن جي مالي مدد ڪري سگهجي،هن پروگرام جو مقصد نوجوانن کي اڳتي وڌائڻ جي قابل بڻائڻ آهي، سنڌي پروفيشنلز کي بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجن شعبن ۾ ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي بهتري آڻي سگهن. ان کان علاوه، اسان سنڌ اندر ڪاروباري ڪوششن کي فروغ ڏيڻ لاءِ پُرعَزم آهيون! هي قدم سنڌ جي معيشيت جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو

هن پروگرامَ لاءِ اهل اميدوارن لاءِ چونڊ جو معيار انهن جي درخواست فارم، حوصلي، ذاتي لگن، مالي گهرجُن/ضرورتن، ڪيريئر جي ترقي ۽ آمدنيءَ جي امڪانن تي ٻڌل هوندو.درخواست فارم سانا انمول  سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي ويب سائيٽ ) sanaonline.org ( تان حاصل ڪري سگهجن ٿا