سائيفر ڪيس ۾ لڳايل سيڪشن سبب درخواست گذار عمران خان کي موت جي سزا ٿي سگهي ٿي: جسٽس گل حسن

0
164

ڪميشن پاس اميدوارن جا نتيجا پڌرا ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو آهي ته سائيفر ڪيس ۾ لڳايل سيڪشن سبب درخواست گذار عمران خان کي موت جي سزا ٿي سگهي ٿي، يا درخواست گذار سموري عمر جيل ۾ گهاري سگهي ٿو

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته اميد ڪري سگهجي ٿي ته ائين نه ٿئي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته هي سٺو ماڻهو آهي جيڪو چئي رهيو آهي ته پراسيڪيوشن هن ڪيس ۾ ڪامياب نه ٿيندي

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي ٽرائل تي اسٽي آرڊر ۾ 20 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر باوجود ٽرائل ڪورٽ جيل ۾ ساڍي 3 وڳي تائين ٻڌڻي جاري رکي، پراسيڪيوٽر رضوان عباسي چيو ته عدالت اسٽي آرڊر جو اطلاع ملڻ بعد ٻڌڻي روڪي ڇڏي هئي

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته درخواست گذار سموري عمر جيل ۾ گهاري سگهي ٿو، درخواستگذار کي موت جي سزا به ٿي سگهي ٿي