لاڙڪاڻو: وومين پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته زنيرا اڳ ئي شادي شده آهي جنهن جاچ دوران ٻڌايو ته هوءَ سيالڪوٽ پنهنجي وارثن ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي جنهن کي شادي ٽن لک روپين عيوض لاڙڪاڻي ۾ ڪرائي وئي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. وومين پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته زنيرا کي سومر ڏينهن لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو جتي سندس جي بيان جي آڌار تي عدالت جيڪو حڪم ڏنو ان تي عمل ڪيو ويندو.