دوداپور : شعبان ڪٽوهر پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته برادري جا ماڻھو زمين تي ڪم ڪارن لاءِ ويل هئا ته مندراڻي  برادري جي هٿياربندن راڪيٽ لانچر جا گولا ۽ فائرنگ ڪري 3 ڄڻن کي قتل ۽ 3 زخمي ڪيا آھن، اڳ به مندراڻي برادري اڳرائي ڪئي هئي، هاڻي به انهن ئي اڳرائي ڪئي آھي، مقتول بشير ڪٽوھر جي پيءُ اسپتال ۾ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته پٽ پنھنجي سئوٽن سان زمين تي گاھ ڪرڻ ويو ھو، لاش کڻڻ به نه پئي ڏنا 7 ڪلاڪن تائين لاش ھٿياربندن جي قبضي ۾ ھئا بعد ۾ چڱن مڙس جي مداخلت تي لاش ڏنا ويا ، پوليس ڪيترائي ڪلو ميٽر پرتي بيھي تماشو ڏسندي رھي اگر پوليس بروقت ڪا ڪاروائي ڪري ھا ايترو جاني نقصان نه ٿئي ھا