ڪراچي( اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم ايشين وڪيٽن تي ورلڊ ڪپ نه کٽيندي ته ڪٿي کٽيندي. سٽي اسٽيشن تي فلٽر پلانٽ جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان گفتگو ڪندي شاهد آفريدي چيو ته ڀارت جون وڪيٽون بيٽنگ لاءِ سازگار هونديون آهن، قومي ٽيم ايشين ڪنڊيشن ۾ ورلڊ ڪپ نه کٽيندي ته ڪٿي کٽيندي؟ .هن چيو ته عالمي ڪپ لاءِ بهترين اسڪواڊ چونڊيو ويو آهي، اسڪواڊ ۾ هڪ ڦيرڦار ڪري زمان خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته فخر زمان وٽ پورو ورلڊ ڪپ آهي ۽ هو رنسون ٺاهيندو جڏهن ته شاداب خان ۽ اساما مير جي ڪارڪردگي اهم هوندي.