ڪراچي (ن پ ا) زرعي ڀاڻ جي ذخيره اندوزي، هٿرادو کوٽ ۽ وڌيڪ اگهه تي وڪري خلاف پنوعاقل، صالح پٽ ۽ ڪوٽڏيجي  ۾ ڪالهه به سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن ۽ آبادگارن پاران احتجاجي مظاهر ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن جمعيت العلماءِ اسلام جي سڏ تي پنوعاقل ۾ محمد صالح انڍڙ، علي اڪبر عباسي، احسان جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ عيد گاھ چوڪ کان پريس ڪلب پنوعاقل تائين ريلي ڪڍي وئي. هوڏانهن صالح پٽ ۾ پڻ جي يو آءِ پاران زرعي ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري ۽ سماجي براين خلاف مولانا اسدالله ڀيو، مولانا عبدالصمد پتافي، فرزان احمد ڌانڌو, حافظ وقار احمد ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ پريس ڪلب صالح پٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.  هوڏانهن ڪوٽڏيجيءَ ۾ هاري ۽ آبادگار زرعي ڀاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ٿاڻي اڳيان گڏ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ڀاڻ ڊيلرز مختلف بهانا بڻائي ڀاڻ لڪائي ڇڏيو آهي. پوليس پڻ ساڻن ٻِٽ بڻيل آهي.