نئون ديرو(رپورٽ: نور محمد سومرو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آصف زرداري عوامي طاقت  سان حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جڏهن ته  اسٽيبلشمينٽ جون ڳالهيون سڀني جماعتن سان ٿينديون آهن، عمران کان حڪومت نٿي هلي، پي ٽي آءِ نئون ليڊر پئي ڳولي، وفاقي سرڪار هٽائڻ لاءِ سهاري جي ضرورت ناهي. نئين ديري ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ غريبن لاءِ ٻه ويلا ڇا پر هڪ ويلي جي ماني به مشڪل بڻجي وئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ ڪنهن جي سهاري جي ضرورت ناهي. وزير اعظم جيڪو عوام سان حشر ڪيو آهي ان کي ڪيرائڻ لاءِ اهو ئي ڪافي آهي. عمران خان کي اچڻ ئي نه گهربو هو.  هاڻي پي ٽي آءِ هن وقت نئون ليڊر ڳولي رهي آهي ان ڪري عمران خان کان هاڻ حڪومت نٿي هلي سگهي. وڏي وزير چيو ته  آصف علي زرداري دورن دوران ڏٺو ته عوام وفاقي حڪومت مان ڪيترو تنگ ٿي ويو آهي ۽ اهو ئي سبب هو ته هن اها ڳالهه ڪئي ته پهريان اسان وفاقي حڪومت کي عوام جي طاقت سان ختم ڪري پوءِ حڪومت ۾ اينداسين. مراد شاهه چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين واري جيڪا ڳالهه آهي ته  اها سڀني جماعتن سان ٿيندي آهي. هيءَ حڪومت آهي جيڪا چوي ٿي ته نه ڪجهه ڳالهائيندس، نه ٻڌندس ۽ نه ڏسندس ۽ نه وري ڪو غلط ڪم نه ڪندس. اهو اسان چئون ٿا ته تون ڪجهه ڪر يا نه ڪر پر تون پاڻ غلط طريقي سان آيو آهين. هن چيو ته انشاءَ الله ايندڙ وفاقي حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ئي هوندي. وڏي وزير چيو ته هڪ سياسي جماعت سان ڳالهائڻ ۾ ڪا به خرابي ناهي. ايم ڪيو ايم سان اسان گڏيل حڪومت به ڪري چڪا آهيون ۽ اها ان ڪري ئي بڻائي هئي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيو هو ته ماڻهن کي ڇڏيو ملڪ جي بهتري لاءِ ڪنهن سان گڏجي ڪم ڪريو. تجربو سٺو نه رهيو. 2016ع ۾ ايم ڪيو ايم پاڻ پنهنجي قائد الطاف حسين سان لاتعلقي ڪري ڇڏي هئي. پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ الطاف حسين سان اتحاد ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جو جواب عمران خان ئي بهتر ڏئي سگهي ٿو. وڌيڪ چيو ته بلدياتي اليڪشن لاءِ اسان قانون ٺاهي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن سان آئون پاڻ مليو آهيان. هنن کي درخواست ڪئي ته فيبروري يا مارچ تائين بلدياتي اليڪشن ڪرايا وڃن ان کانپوءِ رمضان شريف اچي ويندو ۽ بعد ۾ بجيٽ ۽ گرمين جي موسم ٿي ويندي آهي. اسان جي طرف کان پوري تياري آهي. هن چيو ته گرين بس سروس لاءِ اسان پليون به ٺاهيون، پئسا ۽ زمينون به ڏنيون.2018ع ۾ جڏهن هيءَ حڪومت آئي هئي ته سيپٽمبر ۾ وزير اعظم ڪراچيءَ اچي منهنجي سامهون چيو هو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت هن اسڪيم مان هٿ ڪڍي ته اسان هيءَ اسڪيم 3 مهينن ۾ شروع ڪنداسين ته مون هام ڀريندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو ته آئون پوئتي هٽڻ لاءِ تيار آهيان پر منهنجي غلطي هئي ته 3 مهينن مان سوا 3 سال گذري ويا آهن پر اڃان تائين اها پوري نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته نواز حڪومت هجي يا پي ٽي آءِ حڪومت هجي اهي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ نٿا چاهين. حڪومت ٻين صوبن ۾ ته ڪم ڪري ٿي پر سنڌ ۾ صرف خالي اعلان ڪري ناليون ۽ گٽرن جا ڍڪ لڳائڻ چاهي ٿي، وفاقي حڪومت ٻين صوبن ۾ ته وڏا وڏا ترقياتي ڪم ڪرائي ٿي پر سنڌ ۾ نه، اسان وفاقي حڪومت کي چئون ٿا ته اسان وٽ هي ترقياتي ڪم آهن جيڪي ڪرائي ڏنا وڃن پر وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ئي نٿي. مراد علي شاهه چيو ته هنن کان پڇيو وڃي ته هنن اليڪشن ڪيئن کٽي. توهان پنهنجي پاڙي ۾ ڏسو ته وري ٻيهر ڳڻپ ٿي رهي آهي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ورسي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ جلسي گاهه ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وورتو. ان موقعي تي وڏي وزير سان بلاول ڀٽو زرداريءَ جو پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.