رڳو 2 لک رپيا مهينو

0
162

20 جولاءِ تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي لکيل خط تي وڏي وزير 2 آگسٽ تي لکيو ته اڪبر لياقت علي خان جي علاج لاءِ 2لک رپيا ماهوار وظيفو ڏنو وڃي، (هي وظيفو اڪبر جي نالي تي آهي جيڪو ان بعد بند ٿي ويندو، جيڪڏهن هي وظيفو ان جي گهراڻي جي نالي تي هجي ها ته بعد ۾ان جي گهر ڀاتين کي ملندو رهي ها) اهو خط اڪبر لياقت علي جي گهرواري در لياقت علي خان وڏي وزيرکي لکيو هو، جنهن ۾ تفصيل بيان ڪيا ويا هئا ته اڪبر لياقت جي علاج لاءِ ڇو مالي مدد گهرجي. لياقت علي خان ۽ بيگم رعنا لياقت علي خان جو ٻيو نمبر پٽ اڪبر آهي، سندس وڏو ڀاءُ اشرف ڪجهه وقت اڳ فوت ٿي ويو هو، اڪبر پاڪستان جي پهرين ان وزيراعظم لياقت علي خان جو اولاد آهي جيڪو پاڪستان هجرت جي وقت صرف ٽن ڪپڙن ۾ پاڪستان آيو هو. سندس تعلق هندستان جي ڪرنال علائقي جي وڏي زميندار گهراڻي سان هو، هن پاڪستان هجرت بعد پاڪستان ۾ڪنهن ملڪيت جو مطالبو نه ڪيو، جڏهن کيس راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو ته سندس جسم تي جيڪا گنجي پهريل هئي اها ڪيترن ئي هنڌن تان ڦاٽل هئي، جيڪڏهن هن پاڪستان ۾ ملڪيت ٺاهي هجي ها ته سندس بيواهه رعنا لياقت علي کي پنهنجو گهر هلائڻ لاءِ ملازمت نه ڪرڻي پوي ها، کيس حڪومت پاڪستان هالينڊ ۾ سفير مقرر ڪيو پوءِ اٽلي ۾ مقرر ڪيو جتان کان تونس تبديل ڪيو ويو، ڀٽو دور ۾ هن کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو پر هن به پنهنجي مرحوم مڙس وانگر ڪنهن قسم جي ملڪيت نه ٺاهي سندس ٻئي پٽ ڪاروبار ئي ڪندا رهيا.
اڪبر کي گذريل ٽن سالن کان گردن جي بيماري آهي، کيس هفتي ۾ ٽي ڀيرا ڊائلاسز ڪرائڻو پوندو آهي. ڊاڪٽرن اهو مشورو 2020ع ۾ ڏنو هو، ڊائلاسز تي هر مهيني هڪ لک پنج هزار رپيا خرچ اچي ٿو، هن کي ٻه ڀيرا آغا خان اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو جنهن تي 12 لک رپيا خرچ ٿيو. علاج جو خرچ ايترو مهانگو آهي جو هر شخص جي وس جي ڳالهه ناهي اڪبر لياقت وٽ ته والد جو ڇڏيل ڪو ڪک به ناهي نه ئي والده پاران ايترو ڪجهه ڇڏيو ويو جنهن سان هنن جو اولاد سکيو وقت گذاري سگهي. هي سڀ ڪجهه ان شخص جي اولاد سان ٿي رهيو آهي جنهن پاڪستان مان ڪجهه حاصل نه ڪيو. پاڪستان جي پنهنجي زماني جي مشهور سفارتڪار مرحوم جمشيد مارڪر جا لياقت علي خان ۽ بيگم لياقت سان گهريلو تعلقات هئا، مارڪر 2018ع ۾ هيرالڊ کي هڪ انٽرويو ڏنو هو اهو انٽرويو سيد جعفر احمد ڪيو هو. مارڪر پنهنجي زماني جو مڃيل سفارتڪار هو هن جو ٻيو تعارف هو اهو هو ته ڪرڪيٽ ميچن ۾ سٺي ڪمينٽري ڪندو هو. هن اهو واقعو بيان ڪيو ته کيس ۽ سندس گهرواريءَ کي لياقت علي خان هڪ ڀيرو ٻنپهرن جي ماني جي دعوت ڏني، لياقت علي خان کي پنهنجي گهر پهچڻ ۾ دير ٿي، بيگم رعنا لياقت خان ڪاوڙجي پئي ته مهمان کي گهرائي پاڻ دير ٿا ڪريو، لياقت علي خان پنهنجي گهرواري جي ڪاوڙ تي صرف ايترو چيو ته توکي ناهي معلوم ته مون سان ڇا ٿيو،“ هي سرڪاري آفيسر اسان کي ختم ڪري ڇڏيندا،” جمشيد مارڪر جو چوڻ آهي ته بعد ۾ هن پنهنجي ذريعن کان معلوم ڪيو ته آخرڪار ڇا ٿيو هو جنهن تي معلوم ٿيو ته لياقت خان آفيس ۾ هو ته جائيداد جي کاتي جو سيڪريٽري صاحب هڪ فائل کڻي وزيراعظم وٽ آيو ۽ چيو ته “سندس رهائش لاءِ هڪ گهر جي ڳولا ڪئي آهي ان جي الاٽمينٽ لاءِ اوهان جي صحيح گهرجي، اهو اوهان جو استحقاق آهي ۽ ان کان تمام گهٽ آهي جيڪو اوهان کي ملڻ گهرجي،” لياقت علي خان وزيراعظم هائوس جي دري ڏانهن ويو ۽ ويجهو هڪ ڪچي آبادي ڏانهن اشارو ڪندي سوال ڪيو ته اوهان هنن کي سيٽل ڪيو آهي، وڃو انهن جي حالت کي ويجهي کان ڏسو، جڏهن اوهان انهن ماڻهن کي سيٽل ڪريو ته پوءِ فائل مون وٽ کڻي اچجو، لياقت علي خان فائل کي ڪمري ۾ هڪ پاسي اڇلائي ڇڏيو، اهو سڀ ڪجهه جمشيد مارڪر جو اکئين ڏٺو ۽ ڪنن ٻڌو هو.
ڪنهن اهڙي تهڙي شخص نه، پاڪستان جي پهرين وزيراعظم شهيد ملت لياقت علي خان جي پٽ جي علاج لاءِ حڪومت کان مالي سهڪار جي ضرورت پئجي وئي حڪومت ڇا ڪيو افسوسناڪ آهي، جڏهن ته هن جي بيگم چئي رهي آهي ته هن کي ٻه ڀيرا اسپتال ۾ داخل ڪرڻ تي 12 لک رپيا خرچ ٿي ويا آهن ۽ علاج تي هر مهيني ٻه لک رپيا خرچ اچي ٿو ته وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڇا ڪرڻ گهرجي ها. اڪبر لياقت جي حيثيت مطابق ٻن لکن جي وظيفي بدران پنج لک رپين جي منظوري ڏيڻ گهرجي ها، ۽ 12 لک رپيا الڳ سان ڏيڻ گهرجن ها. هن آغا خان ۽ ڪڊني اسپتال مان علاج جو خرچ حڪومت پاران برداشت ڪرڻ جو حڪم ته ڏنو. حڪومت جي خزاني مان نه ڄاڻ ڪٿي ڪٿي رقم خرچ ٿي ويندي آهي حڪومت جي ماڻهن جي هٿان ٻه لک رپيا خبر ناهي ڪٿي ڪٿي خرچ ٿي وڃن ٿا پر وڏي وزير جي دل ۾ هڪ اهڙي بيمار شخص لاءِ گنجائش نه هئي جيڪو ڪنهن ٻئي جي آڏو هٿ نٿو ٽنگي سگهي، هاءِ ڙي قسمت، اڪبر لياقت بس ايترو چيو هوندو، ۽ شاعر يگانه چنگيزي ان جي خوب ترجماني ڪئي آهي
مصيبت ڪا پهاڙ آخر ڪس دن ڪٽ هي جائيگا
مجهي سر مار ڪر تيشي سي مرجانا نهين آتا