رپڙي (ن پ ا) رپڙي ۾ ڳوٺ منشي عبدالله آرائين واسي اسد آرائين احتجاج ڪندي دانھيو ته فيڪ آءِ ڊي جو جواز ڄاڻائي پوليس اهلڪار شاھد ڪلھوڙو اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، هن چيو ته 13 فيبروري تي شگر مل ملازم خالد حسين کي کنڀيو ويو، جنهن وٽ اڍائي لک روڪ رقم ھئي، جيڪا ضبط ڪئي وئي، ان کانپوءِ ڳوٺ تي ڪاھ ڪري نديم آرائين کي کنڀيو ويو، مختلف وقتن تي چڙھائي ڪري ڳوٺ مان 15 ڍور چوپايو مال، ساڍا11 تولا سون، 3 لک 90 ھزار روڪ رقم ۽ ھڪ موٽر سائيڪل پڻ ڪاھي ويو آھي، هن چيو ته اهلڪار ماڻهن تي تشدد ڪري ڳري رشوت وٺي انن کي آزاد ڪري ٿو، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اهلڪار شاھد ڪلھوڙو جي گهر آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندس، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي شاھد ڪلھوڙو ٻڌايو ته نديم نالي سان سوشل ميڊيا تي پوليس خلاف غلط الفاظ استعمال ڪيا ويا آهن، ان ڪري سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، ڪجهه ماڻھو حراست ۾ ورتا آھن، ڍور ڍڪ حوالي ڪيا آهن، باقي روڪ رقم ۽ سونا زيور ناھن کنيا.