رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ ڀرسان لانڍيون ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي، نامعلوم شر پسند آبادگار جون لکين رپين جي ماليت جون 7 سولر پليٽون ڀڃي، ھڪ چوري ڪري ويا، علائقي واسين جو احتجاج، نقصان جي ازالي جو مطالبو. رپورٽ موجب  رپڙيءَ ڀرسان لانڍيون ٿاڻي جي حد ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو. گذريل رات نامعلوم چورن ڳوٺ شاھ محمد کھڙو جي رھواسي احمد بخش کھڙو جي زمين تي لڳل 540 واٽ جون 7 سولر پليٽون ڀڃي ھڪ پليٽ چوري ڪري فرار ٿي ويا. ڳوٺاڻن احمد بخش کھڙو، خداداد، اعجاز علي، حبدار شنباڻي، ضمير ملاح سليم ڪورائي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو ته علائقي ۾ بدامني سبب راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آھيون. نامعلوم شرپسندن لکين رپين جو نقصان ڪيو آهي. ھنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.