ٽوڪيو(انٽريسٽنگ نيوز) جاپان جي انجنيئرن هڪ اهڙي بس ٺاهي آهي جيڪا رڳو 15 سيڪنڊن ۾ ٽرين بڻجي ويندي آهي ۽ پٽڙي تي ڊوڙڻ لڳندي آهي. ان کي ڊيوئل موڊ وهيڪل ڊي وي ايم جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪا روڊ ۽ ٽرين جي پٽڙي ٻنهي تي هلي سگهي ٿي. ان جو باضابطا افتتاح 25 ڊسمبر تي ڪيو ويندو. ان سادي گاڏي کي ٺاهڻ ۾ 20 سال لڳي ويا. 2002ع ۾ ان تي ڪم شروع ڪيو ويو هو
۽ هاڻ مڪمل تيار ٿي چڪي آهي. ان کي شروع ۾ 123 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي قائم شهرن وچ ۾ هلايو ويندو. هن ۾ 23 ماڻهو ويهي سگهن ٿا ان جي پٽڙي تي رفتار 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي پر رڳو 60 ڪلوميٽر تائين ڊوڙي سگهندي ان ڪري ئي ان کي سياحتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.