روڊن ۽ رستن کان محروم ڪاڇو

0
105
سوچ-۾-تبديلي-آڻڻ-جو-وقت

 تعلقعي جوهي جي اولھه طرف جيڪو بند آهي ان کي  فلڊ پروٽيڪشن بند ( ايف پي بند)  چوندا آهن. انهي جي اولھه واري ڪڙ ڪاڇي جي پاسي آهي اتان ڪاڇو شروع ٿي کير ٿر جبلن جي ٿورو اڳيان ختم ٿئي ٿو. سموري ڪاڇي کي ڳنڍڻ ( ملائڻ) جي لاءِ ٽن (3) روڊن جي ضرورت آهي. اهي ٽئي روڊ ملائجن ته تقريبن ڪل 100 ڪلو ميٽر کان به گهٽ مفاصلو ٿيندو انهن ٽنهي شهرن ۾ جيڪڏهن سنڌ گورنمينٽ وٽ 100 ڪلو ميٽر روڊ ٺهرائڻ جيترا پئسا نه آهن ته پوءِ اها سنڌ گورنمينٽ جي ڪاڇي جي عوام سان وڏي زيادتي چئبي. هيڏي ساري گورنمينٽ هٿين خالي ويٺي آهي  (1) جوهي کان ڊگهه بالا روڊ وايا حاجي خان روڊ وايا هيرو خان. پٽ گل محمد وايا قصبو  ( 2) جوهي کان واهي پانڌي روڊ ( 3) جوهي کان ڇني وايا ٽنڊو رحيم خان وايا پير گاجي شاھه.

انهن ڪاڇي جي ٽنهي مرڪزي شهرن جي روڊن جي حالت ڪنهن دنياوي عذاب کان گهٽ نه آهي.انهن ٽنهي روڊن کي تباھه ۽ برباد ڪرڻ جو مکيه سبب نئين گاج آهي نئين گاج جي 2020ع جي لاڳيتن ٻن مها ٻوڏن ۽ 2021ع جي ٻوڏ ڪاڇي جي ٽٽل روڊن کي هنڌان هنڌان اکيڙي ڇڏيو ۽ هي هاڻي روڊ ڪنهن وڏي وهيڪل توڙي ننڍي وهيڪل ته ڇا موٽر سائيڪل هلائڻ جي به بلڪل قابل نه آهن. سنڌي ۾ هي چوڻي ڏاڍي مشهور آهي ته جتي وڻ نه آهي اتي ڪانڊيرو به وڻ آهي، هاڻي اسين ڪاڇي واسي انهن روڊن تي روزاني جي بنياد تي سفر ڪيون ٿا ۽ پنهنجن پيارن دل جي ٽڪرن سميت جتي هر لمحو موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. روڊن ۾ ايترا وڏا کڏا ( جمپ جهاڪا) اچي ويا آهن جو گاڏي ڄڻ هلي نه ٿي پر ڊانس ڪندي ٿي هلي ۽ روڊ ايترو سوڙهو ٿي ويا آهن  جو هڪ ٻئي کان اوور ٽيڪ ڪري ڪراس ڪرڻ ممڪن ڇا پر ناممڪن آهي اتي اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ ڪنهن ايمرجنسي واري مريض کي ڪنهن اسپتال پهچائڻ ڪيڏو نه ڏکيو عمل هوندو پر ڪري به ڇا ٿو سگهجي سواءِ پنهنجي قسمت ( تقدير) تي ويهي روئي ماتم ڪرڻ جي ٻيو ڇا ڪجي.

توڙي جو هن ڳالھه تي اعتبار ڪير به نه ڪندو پر اها هڪ سچي حقيقت آهي ڪيئي عورتون ڊليوري جي لاءِ ويون پر رستي نه هئڻ جي ڪري اهي اڌ واٽ تي ئي پنهنجن پيارن کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويون ۽ ڪيترين عورتن جي ڊليوري وليز جيپن ۾ ٿي وئي. اهڙن لفظن کي لکڻ ته تمام سولو آهي پر جنهن جي مريض جي اهڙي حالت ۾  ڊليوري ٿئي جتي پردي جو به انتظام نه هجي ۽ نه وري ڪا اتي ساڻس دائي ( ڊليوري ڪرائڻ ۾ مددگار عورت)  آڻجي انهن گهر ڀاتين جي ڇا حالت هوندي ۽ ان جي دل مان وقت جي حڪمرانن جي لاءِ ڪهڙا لفظ نڪرندا؟

سرڪار سڳوري روڊ جي مرمت جي لاءِ جيڪي اپاءَ ورتا آهن اهي به بلڪل داد جي لائق آهن جتي جتي روڊ نه هئڻ جي برابر هو اتان وري مشينن جي ذريعي مٽي کڻي روڊ کي نالي ماتر بحال ته ڪيو ويو جيڪو تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکيو ويندو. روڊ جي ٻنهي پاسن کان مٽي کڻي روڊ ته ٺاهيائون پر پاسن کان جتان مٽي کنيائون اتي ڄڻ وڏيون شاخون ٺاهي ويا آهن جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو روڊ جي خراب حالت هئڻ سبب ڪيئي وليز جيپون واري سان ڀريل ٽريڪٽرن جون ٽراليون، بهه سان ڀريل ٽراليون، بصرن سان ڀريل ڪيئي ٽرڪون ڪلٽيون کائينديون وڃن کڏن ۾ ڪريون، گاڏيون چڪنا چور ٿي ويون شڪر جو جاني نقصان نه گهڻو نه ٿيو. هاڻي وري ڪچي مٽي جو وڌائون ته گاڏين هلڻ جي ڪري دز ( ڌوڙ) ايتري وڌي وئي آهي جو ڪراس ڪرڻ وقت اڳيان ڪجهه ڏسڻ ۾ نه اچي ٿو ان جي ڪري ڪيترائي موٽر سائيڪلن وارا روز جي بنياد تي ڪري زخمي ٿي پون ٿا ۽ پڻ وڏيون گاڏيون به. هاڻي بارشن جي موسم شروع ٿيڻ واري آهي جيڪڏهن مينهن جون ٻه ڪڻيون پيون ته ڪنهن به قسم جي گاڏي ڪچي روڊ مٿان هلي نه سگهندي ڇو جو مٽي تي گاڏي جي سلپ ٿيڻ جو خطرو هر موجود رهندو. روڊ جي پاسن کان کاهيون ۽ شاخون ٺهيل اتان وري پوک جي لاءِ تيار ٿيل زمينون جتان زميندار گاڏين وارن کي هلڻ کان منع ٿا ڪن ته اسان جون زمينون خراب ٿينديون، روڊ جي مٿان ترڪڻ هاڻي ڪاڇي واسي ڪنهن کي منهن ڏين جتي هنن جا پيارا ڪنهن ايمرجنسي واري حالت ۾ ڪنهن اسپتال تائين پهچڻ جي لاءِ واجھائين پيا ته اسين اسپتال تائين ڪيئن پهچون.

وري ٻئي پاسي اسان جا عوامي اڳواڻ رات ڏينهن عوام جي خدمت ڪري ڪري ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا آهن وري ٻئي پاسي عوام فلاڻو زنده باد فلاڻو مرده باد جا نعرا هڻي هڻي پاڻ بکن ۾ پاھه ٿي ويا آهن. وري ٻئي پاسي ڏسجي ته گاڏين جي مالڪن سان به وڏي حالت آهي انهن جون نيون پراڻيون وچٿريون گاڏيون جيڪي روزاني اچ وڃ ڪن ٿيون انهن جا اسپيئر پارٽس به مهانگا ٿي ويا آهن. ڊيزل ۽ پئٽرول جو  به اگهه وڃي آسمان سان لڳو آهي، گاڏيون روزاني خرچ گهرن ٿيون ۽ مستري ( ڪاريگرن) به پنهنجو پاڻ ملهائي ڇڏيو آهي. هڪ رستو خراب مٿان اگهه به وڏا ۽ مسترين جا ناز الڳ هاڻي ڪنهن کي منهن مٿو ڏجي جي خرچ نه ڪر ته گاڏيون هلي نه ٿيون سگهن جي خرچ ڪر ته پوري نه ٿي پوي، هاڻي گاڏين جا مالڪ ڇا ڪن. موجوده وقت جي حڪمرانن جي ذميواري آهي ته اهي ڪنهن بنا تاخير جي مظلوم ڪاڇي واسين تي ڪھل کائين ڇو جو تمام گهڻو عرصو گذري چڪو آهي روڊن کي ٽٽندي ۽ ڪاڇي واسين پنهنجي قد ڪاٺ کان وڌيڪ لوڙيو آهي هاڻي انهن ۾ وڌيڪ لوڙڻ جي سهپ نه آهي. ڇو جو هو به صوبي سنڌ جا رهاڪو آهن ۽ انسان پڻ آهن ۽ انهن کي پڻ انسان سمجهي انهن جا بنيادي حق انهن کي ڏنا وڃن.جيڪڏهن توهان ڪنهن کي پنهنجا بنيادي حق وٺي نه ٿا ڏئي سگهو ته پوءِ اوھان  جيڪا خدمت جي ذميواري کڻي قانون ساز اسيمبلين ۾ پهتا آهيو ته انهي خدمت تان دستبردار ٿيو پوءِ عوام ڄاڻي عوام جو ڪم ڄاڻي.