ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت بلڊرن جي تنظيم آباد ۾  آن لائين فيسيليٽيشن سينٽر قائم ڪري ڇڏيو، جنهن جو ڪالهه روينيو واري نگران وزير يونس ڍاڳا  افتتاح به ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته آن لائين سهوليت سينٽر تحت آباد جا ميمبر پنهنجي آفيس ۾ ويهي پنهنجون درخواستون جمع ڪرائڻ سان گڏ  پنهنجن درخواستن بابت آن لائين آگاهي به حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن جي آفيسن ۾ اي-سروس جون خدمتون مهيا ڪيون ويون آهن، سنڌ واسي روينيو آفيسن ۾ پنهنجون درخواستون آن لائين جمع ڪرائي ۽ پنهنجا گهربل ڪاغذ ڪوريئر ذريعي گهر ويٺي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن ڊجيٽلائيزيشن ذريعي شفافيت سان ڪم مڪمل ٿيندو ۽ صارفين جون مشڪلاتون گهٽجي وينديون. هن چيو ته ايراضي جي ڊجيٽلائيزيشن ذريعي اسان پوري سنڌ جي ايراضي جي رڪارڊ کي به ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري رهيا آهيون، انهي عمل سان  ڪير به ملڪيت جي رڪارڊ ۾ هير ڦير ڪري يا بدلائي نه ٿو سگهي. هن ٻڌايو ته هن ايپ  ذريعي اسان 10 مختلف قسمن جون خدمتون مهيا ڪري رهيا آهيون، جن ۾ ڊوميسائيل جي فراهمي پڻ آهي. هن چيو ته اي – سروس جي نالي سان  جيڪو ڪم  اسان صنعت  ۽ بورڊ آف روينيو ۾ ڪري رهيا آهيون، انهي کي ٻين صوبائي کاتن تائين وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته گهٽ وقت ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ لاءِ  رڳو جذبي جي ضرورت آهي. هن چيو ته هاڻي سنڌ ۾ بورڊ آف روينيو جي زمينن کي نيلامي ذريعي وڪرو ڪيو ويندو ته جيئن سنڌ جي عوام جو پئسو سنڌ جي عوام وٽ رهي، هن چيو ته اسان جيڪو نظام آندو آهي، انهي سان بدعنواني جو خاتمو ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽيڪسيشن نگران حڪومت جو اختيار ناهي، تقريب کي خطاب ڪندي  آباد جي سرپرست محسن شيخاڻي،  چيئرمين آصف سم سم ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ذريعي ايراضي جي ملڪيت ۾ هير ڦير جو خاتمو ممڪن ٿيندو،  هي منصوبو گيم چينجر آهي، جنهن جو فائدو صوبي جي عوام کي ملندو.