روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو ريلوي اسٽيشن ڀرسان سلطان شاھ ڪالوني ۾ اوطاق مان 36 سالن جي شخص جو تشدد  ٿيل لاش هٿ، پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي آندو ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي، وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب روهڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان سلطان شاهه ڪالوني ڀرسان 36 سالن جي تشڪيل شاھاڻيءَ جو گھر ڀر سان اوطاق مان لاش مليو، جنھن کي روهڙي پوليس کڻائي تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. فوتيءَ جي ڀائٽي عمران شاھاڻي چيو ته اسان جي چاچي کي رات دير سان نامعلوم جوابدار اوطاق ۾ بيدردي سان قتل ڪري ويو آهي. پاڙي ۾ رهندڙ ابڙا برادريءَ جي هڪ ڌر سان ڪجھه ڏينھن اڳ جھيڙو ٿيو هو. شڪ آهي ته اسان جي چاچي کي قتل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن  اطلاع ملڻ تي پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ پوليس موجب وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.