بارباڊوس (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما، ويرات ڪوهلي ۽ رويندر جڊيجا ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، فائنل مئچ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي روهت شرما چيو ته ورلڊڪپ کٽڻ بعد هن فارميٽ کي ڇڏڻ جو ٻيو ڪو به سٺو موقعو نه هوندو، ون ڊي ۽ ٽيسٽ کيڏندو رهندس، روهت شرمت 159 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي سڀ کان وڌيڪ 4231 رنس ٺاهيون، سڀ کان وڌيڪ 205 ڇڪا هنيا  ۽ 5 سينچريون ٺاهيون، ٻئي پاسي مئچ بعد ويرات ڪوهلي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، هيءُ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۽ فائنل ڀارت لاءِ آخري مئچ هئي،  ويرات ڪوهلي 125 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي هڪ سينچري ۽ 38 ففٽيز جي مدد سان 4188 رنس ٺاهيون، آل رائونڊر رويندر جڊيجا سوشل ميڊيا تي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته هميشه ملڪ لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، ون ڊي ۽ ٽيسٽ کيڏندو رهندس، ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ کٽڻ خواب هو، هي منهنجي ڪيريئر جي بلندي آهي، فينز جي سپورٽ جو ٿورائتو رهندس، واضح رهي ته جڊيڊجا ورلڊڪپ بعد رٽائرڊ ٿيندڙ ٽيون رانديگر آهي، رويندر جڊيجا ورلڊ ڪپ ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکاري، 5 اننگز ۾ رڳو 35 اسڪور ٺاهيو ۽ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، هن ڀارت جي طرفان ڪل 74 مئچز ۾ 54 وڪيٽون ورتيون ۽ 515 رنس ٺاهيون.