واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته روس يوڪرين ۾ ڪارروائي ڪري سگھي ٿو. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن روس مڪمل جنگي حالت ۾ ويو ته ان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. جو بائيڊن چيو ته روس جو گھيراءُ ڪيو ويندو پر ان جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اهو ڪهڙي حد تائين وڃي ٿو. آمريڪا، يورپي يونين ۽ نيٽو کي خدشو آهي ته روس اوڀر يوڪرين ۾ هڪ نئين فوجي ڪارروائي ڪري سگھي ٿو. پر ماسڪو حڪومت اهڙن الزامن کي رد ڪري ٿي. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته اهو الزام مڙهڻ جو مقصد نيٽو طرفان يورپ جي اوڀر سرحدن تي فوج ڪشي ڪرڻ آهي. ٻئي طرف آمريڪي نيوز چينل سي اين اين جي رپورٽ موجب روس يوڪرين جي بارڊر تي فوج جي مقرري مڪمل ڪري ورتي آهي جتي هڪ لک کان وڌيڪ فوجي مقرر ڪيا ويا آهن. پر ڪريملن جو چوڻ آهي ته يوڪرين تي حملو ڪرڻ جو ڪو ارادو نه آهي، نيٽو پاران يوڪرين جي فوجي ۽ هٿيارن سان مدد اسان جي سلامتي لاءِ خطرو آهي. يوڪرين جو چوڻ آهي ته روس حملي کان اڳ اسان جي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف آمريڪا چيو آهي ته روس يوڪرين تي حملو ڪيو ته نيٽو ۽ آمريڪا گڌجي اولهه جي طرفان سخت جواب ڏيندا.