رميز راجا ۽ اسد علي خان پي سي بي بورڊ آف گورنرز جا ميمبر نامزد

0
210

لاهور( اسپورٽس ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پيٽرن اِن چيف جي حيثيت سان رميز راجا ۽ اسد علي خان کي ٽن سالن لاءِ بورڊ آف گورنرز جي ميمبر طور نامزد ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم طرفان نامزدگين کانپوءِ چيئرمين پي سي بي جي چونڊ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو، بين الصوبائي رابطن واري وزارت نامزدگين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. احسان ماني جي معذرت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان وٽ رميز راجا کي چيئرمين پي سي بي مقرر ڪرڻ جو آپشن رهجي ويو، ٻين اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان به رابطا جاري آهن. بين الصوبائي معاملن بابت وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب پي سي بي چيئرمين سان گڏ اسد علي خان جو نالو به شامل ڪيو ويو آهي، اسد علي خان ايندڙ ٽن سالن لاءِ پي سي بي گورننگ باڊي جو حصو هوندو.