ڪراچي (اسپورٽس نيوز) جاويد ميانداد پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي عهدي تي برقرار رکڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته رميز راجا کي عهدو ڇڏڻ لاءِ نه چوڻ گهرجي، جيڪڏهن اهو درست وڃي رهيو آهي ته هن کي هٽائڻ جي ضرورت ناهي، راندين کي سياست کان الڳ رکڻ گهرجي، دنيا ۾ ريٽائرڊ ڪرڪيٽرز بورڊ کي هلائي رهيا آهن. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان منهنجي ڪابه ناراضگي ناهي، مان هن کي ڊپارٽمنٽل اسپورٽس بند ڪرڻ کان روڪيو هو، هن منهنجي ڳالهه نه مڃي، ان وقت کانپوءِ عمران سان منهنجو ڪوبه رابطو ناهي. جاويد ميانداد چيو ته شان مسعود جو معاملو ميڊيا اڳيان آڻن گهرجي سٺي ڪارڪردگي باوجود هن کي موقعو نه ڏيڻ ناانصافي آهي، اوپنر کي پاڪستان ٽيم ۾ شامل هجڻ گهرجي، جيڪڏهن سرفراز احمد سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي ته اهو رٽائر ڇو ٿئي.