رليف ۽ ريسڪيو وارا ڪٿي گم آهن؟

0
127
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

برسات جتي سڄي ماحول کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو آهي اتي اسان جي انتظامي صلاحيت ۽ رليف ۽ ريسڪيو جي ڪم کي به صفا  پڌرو ڪري ڇڏيو آهي.جنهن ڪري سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ايمرجنسي واري صورتحال هوندي به ڦاٿل ماڻهن جي واهر لاءِ اهو ڪم ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي جهڙي قسم جي صورتحال آهي.ماڻهو پنهنجا گهر اکين اڳيان ڊهندي ڏسي رهيا آهن، کليل آسمان هيٺ هن تيز برسات ۾ ويٺل آهن شهرن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي ۽ جابلو علائقن ۾ پاڻِي تيزي سان سڀ ڪجهه لوڙهيندو اڳتي وڌي رهيو آهي پر عوام جي مدد لاءِ نه صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي پهچي رهي آهي ۽ نه ئي اين ڊي ايم اي .هن وقت تائين ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن پر جيڪڏهن اهي ڊزاسٽر اٿارٽيون اڃا به رليف ۽ ريسڪيو جي ڪمن لاءِ متحرڪ نه ٿيون ته ڪو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو.

جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ڪي اوچتو ۽ قدرتي آفتون اينديون آهن ته رليف ۽ ريسڪيو لاءِ قائم ڪيل ادارا پاڻمرادو ماڻهن جي مدد لاءِ اڳيان ايندا آهن .هن وقت پاڪستان ۾ سانوڻي جون برساتون پنهنجي جوڀن تي آهن توڙي جو انهن کي قدرتي آفت ته قرار نه ٿو ڏئي سگهجي پر معمول کان وڌيڪ برساتن جي ڪري انهن جاني توڙي مالي نقصان انتهائي گهڻو ڪيو آهي خاص ڪري پهاڙي ۽ جابلو علائقن ۾ جتي تيزي سان ايندڙ نئيون سڀ ڪجهه لوڙهي اڳتي وڌي رهيون آهن ته مٿان وري لڳاتار وسندڙ برسات ماڻهن جا ڪچا گهر ڊاهي پٽ ڪري رهي آهي.خاص ڪر ي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ٿيندڙ نقصان شايد اندازي کان به وڌيڪ آهي ڇاڪاڻ ته اهڙن پري وارن علائقن تائين اڃا تائين ريسيڪيو ۽ رليف جون ٽيمون ته پهچي ئي نه سگهيون آهن جو ڪاٿو ڪري سگهجي ته ڪيترو نقصان ٿيو آهي پر اندازي موجب ٻنهي صوبن ۾ هن وقت تائين انهي برسات ۾ 50 کان وڌيڪ جانيون صايع ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ ٺٽي ڀرسان ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڦاٿل اهي پورهيت به آهن جن مان 8 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن ته ڪراچي ۾ به پيءَ پٽ جي لڙهي وڃڻ جا اطلاع آهن.سنڌ جا ڏورانهان علائقا خاص ڪري ڪاڇو پنهنجي تعلقي هيڊڪوارٽر کان ڪٽجي چڪو آهي.

اڳڪٿي اها آهي ته اهي برساتون عيد تائين جاري رهنديون جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن اهي رستا بند رهيا يا اڃا برسات وسندي رهي ته اهڙن علائقن ۾کاڌ خوراڪ جو بحران ٿي سگهي ٿو.مهذب ۽ سڌريل ملڪن ۾ هڪ انساني جان جي وڏي اهميت هوندي آهي ۽ ڪو به ماڻهو بکئي پيٽ نه سمهي انهي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون آهن هتي عام حالتن ۾ ته ٺهيو پر ايمرجنسي جهڙي صورتحال ۾ به اهي ادارا سرگرم نه ٿا ٿين جيڪي انهي غريب عوام جي ٽئڪس جي پئسن تي هلن ٿا.هڪڙي سانوڻي جي برسات جيڪا رحمت بڻجي اچڻ گهرجي اها انتظامي ۽ ايمرجنسي جي ڪوتاهين سبب هن وقت تائين درجنين حياتيون وڃائي چڪي آهي پر پوءِ به اسان جا ادارا ۽ حڪومتون رڳو نوٽيس وٺڻ ۽ اعلان ڪرڻ کان اڳتي نه ٿا وڌن. جڏهن ته جتي اها ايمرجنسي واري صورتحال آهي اتي ڪاري وارا ڪک آهن.ماڻهو پنهنجي حال آهر حالتن سان مقابلو ڪري رهيا آهن پر لڳي ٿو ته حڪومت جو ڄڻ انهن سان ڪو واسطو ئي ناهي پر جڏهن اها صورتحال معمول تي ايندي ته پوءِ اهي بل ظاهر ٿيندا جيڪي انهن متاثر جي مدد جي نالي تي ٺاهيا ويندا جيڪو اسان وٽ دستور ٿي ويو آهي ۽ سدائين ايئن ئي ٿيندو رهيو آهي .

اسان سمجهون ٿا ته هي غير معمولي صورتحال ناهي جو حڪومت به عوام جي سار لهڻ کان قاضر هجي .حڪومت ۽ ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽيون برساتي علائقن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي انهن ماڻهن تائين پهچن جيڪي نئين ،برساتن جي پاڻِي ۾ ڦاٿل آهن يا جن جا گهر ڊهي پياآهن.ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو روز ڪمائي روز کائيندا آهن يا جن جو سڀ ڪجهه انهي برسات ۾ لڙهي ويوآهي  اهي پنهنجو پيٽ گذر ڪيئن ڪندا هوندا اهو سمجهڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي.