لاهور(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽسمين احمد شهزاد چيو آهي ته محمد رضوان خراب ڪارڪردگي تي مذهب ڪارڊ نه کيڏي. ڪجهه رانديگر مذهب  ڪارڊ کيڏي پنهنجي خراب ڪارڪردگي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽيم جي واقعي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي هئي، پر ڪجهه رانديگر غير ضروري پريس ڪانفرنسون ۽ مذهب ڪارڊ کيڏي رهيا آهن. جيڪي پنهنجي فٽنس جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ۽ جڏهن اهي تسليم ڪن ٿا ته اهي ميدان ۾ اداڪاري ڪري رهيا هئا ته مذهب ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ هن چيو ته ڇا مذهب توهان کي ٻين سان دوکو ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ ميدان ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاري ٿو؟ توهان کي ميدان ۾ پرفارم ڪرڻو هوندو آهي، جنهن لاءِ توهان کي پيسا ڏنا ويندا آهن ۽ توهان ان بدران ٽيم ۾ گروپ بندي ۾ شامل ٿي ٿا وڃو.