نندوشھر (ن پ ا) شھيد فاضل راهو  ۽ رسول بخش پليجو جو ويجھو ساٿي لطيف جو پارکو، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ نور محمد پنھور 80 سال جي عمر ۾ ڪجھ عرصو علالت بعد انڊس اسپتال بدين ۾ وفات  ڪري ويو جنهن کي نندو لڳ اباڻي ڳوٺ ۾ سندس وصيعت موجب لطيف سرڪار جي بيتن جي ڀيٽا بعد مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.  ياد رهي ته نور محمد پنھور سڄي زندگي رسول بخش پليجو  ۽ سندس پارٽي عوامي تحريڪ  سان واڳيل رھيو،  ايم آر ڊي تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ هئڻ سبب  ڪيترا ڀيرا جيل به  ڪاٽيو. نور محمد پنھور ھارين جي ٿيندڙ جدوجھد جو مک ڪردار ھو.