رسول بخش پليجو سنڌ جو وڏو وڪيل هو: سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش

0
19

عظيم مفڪر، برک سياستدان، نامور وڪيل، اديب، شاعر، رسول بخش پليجو جي ڇهين ورسي جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان سلسلي  حريف چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي

وڃين ڀون پيٺي سڪندي کي سڄڻين  .

مون پنهنجو بچپن ۽ جواني جو وڏو عرصو سجاڳ ٻار تحريڪ ۽ ايس ايس ٽي کي ڏنو . منهنجي شهر وارهه جي عظيم ڪردار سائين قاضي غفار جي رهنمائي هيٺ سياست ۾ پير پاتو . اڳتي هلندي عوامي تحريڪ جي هزارين ڪامريڊن سان دوستيون ٿيون . محترم استاد رسول بخش پليجو صاحب جي ڏاهپ ۽ دانائي سان سنڌ ۽ ملڪ جي کاٻي ڌر جي سياست جي ڪاميابي لاءِ هلندڙ جدوجهد جو حصو رهياسين . فاضل راهو جي شهادت سان سنڌ ۽ ملڪ جي عوامي جدوجهدن جو وڏو نقصان ٿيو . اهو خال ڀرجي نه سگهيو . اسان پوري سگهه سان ڪم جاري رکيو . 1988 جي اليڪشن دوران مون کي پارٽي ٺٽي کان جهرڪن تائين جي علائقي ۾ مهم جو انچارج مقرر ڪيو . اهڙي طرح 1992 تائين مون پليجي صاحب سان ٺٽي ۾ گڏ رهڻ ۽ اليڪشن ورڪ جو ڪم سنڀاليو . پليجي صاحب جي دانائي ۽ تقرير جي فن کان تمام گهڻو متاثر رهياسين . پوري سنڌ ۾ پليجي صاحب سان گڏ دورا به ڪيا . پوءِ 1992 ۾ پليجي صاحب سان اختلاف ٿيا ۽ سياسي رستا ڌار ٿي ويا . سخت مخالف به رهياسين . جيترو پليجو صاحب سان پيار ڪيو ته وري اوتري شدت سان مخالفت به ڪئي . ڪجهه عرصو گذرڻ کان پوءِ وارهه جي نظرياتي دوست جيڪو هيو ته جيئيمسٽ پر سندس دوستي پليجي صاحب سان گهري هيس جنهن کي اسان سڀ دوست استاد سڏيندا آهيون . استاد خادم تنيو . جنهن جي ڪري حيدرآباد ۾ پليجو صاحب سان ٻيهر ڊگهين ملاقاتن جو رشتو بحال ٿيو . جڏهن اسان دوستن گڏجي اي جي پي جو بنياد 2010 ۾ وڌو ان وقت خواهه مخواهه اهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته ڪو اسان پليجي جي دشمني ۾ پارٽي ٺاهي آهي . تنهن هوندي به اي جي پي  حيدر آباد ۾ عورتن جي حقن واسطي هڪ ڪانفرنس ڪرائي جنهن ۾ پليجي صاحب کي دعوت ڏئي گهرايو . ان ڪانفرنس ۾ بيماري جي حالت ۾ پاڻ شريڪ ٿيا . اڄ پليجي صاحب جي ورسي جو ڏينهن آهي ان موقعي تي کيس سرخ سلام ٿو پيش ڪجي. جنهن تي گلاب پرمار، حسن پٺاڻ، رياض احمد، فقير نبي بخش چانڊيو، مخدوم شمس، بشير چانڊيو، برڪت علي، ضياءُالحسن جوڻيجو، عرفان سيلرو به سرخ سلام پيش ڪيو، جيسراڻي برما رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اهي ڏينهن اهي شينهن، اڄ سنڌ کي اهڙن اتساهيندڙ ۽ ويزن وارن سياسي ليڊرن جي سخت ضرورت آهي، محسن جويو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مڙس ماڻهو جي خبر مهل تي پوندي آهي….ڏسڻ ۾ ته هي هڪ عام تصوير آهي. پر منهنجي لاءِ هي تصوير هڪ وڏو اعزاز آهي. هي تصوير سائين جويي صاحب جي گذاري وڃڻ ڪجهه مهينن کان پوءِ جي آهي. پليجي صاحب دل سان مون کي مڃتا ڏيندي هٿ ملايو هو. جيڪو طوفان گند اديبن وڪيلن ادارن صحافين پنهنجن مطلب ڪنهن به پنهنجي حساب سان ڪسر نه ڇڏي هئي ته ڪيئن سائين جويي صاحب کي اڪيلو ڪري ان کي فڪري طرح ڪمزور ڪجي. ڪوڙا ڪيس گهر تي حملا ڪردار ڪشي لکت مهم کان وٺي ڪو به اهڙو پاسو نه ڇڏيو ويو جنهن سان سائين جويي صاحب جي فڪر پورهئي ڪرادر کي لوئجي. پر مون سان ٻه انسان گڏ هئا. محترم رسول بخش پليجو ۽ سائين جلال محمود شاهه. پليجو صاحب مون کي چوندو هو ڄمي بيهو هڪ انچ پوئتي نه هٽنداسين.زنگيجو ستار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خبر ئي نه پئي رسول بخش پليجي صاحب جي ڇهين ورسي به اچي پهتي، منور برهماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪمال جو شخص هو، ‏”آئون ڪنهن کان نٿو ڊڄان آئون ڪو پهلوان آهيان ڇا؟ پلهوان ناهيان مون وٽ علم آهي ۽ مونکي خبر آهي دشمن وڌيڪ ڪمزور آهي (رسول بخش پليجو) مظهر کوسو، شمس مگسي، واجد علي ڏهر، عبدالهادي سومرو به ڀيٽا پيش ڪئي، آزاد انور مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگشاھيءَ جو اهو رسول بخش پليجو ھن ڏتڙيل قوم جي دانھن ھو ۽ اهڙا انسان صدين جا پُٽ ھوندا آھن، پليجي صاحب جون علمي ۽ عقلي پاڙون گهڻيون پختيون هيون. سنڌ جي پاڻي تي شاندار جدوجهد ذريعي هن عام ماڻهو کي وڏيري، جاگيردار، ملان ۽ پير سامهون سگهاري پوزيشن ۾ بيهاري ڏيکاريو. سنڌ ۾ عورتن جي سڀ کان سگهاري تنظيم ڏيڻ جو اعزاز به پليجي صاحب کي ئي حاصل آهي.جنهن تي غلام قادر مهر لکيو ته پليجي صاحب جي ھڪ پاسي کي ڇڏي باقي سنڌ لاءِ فخر ھو جنهن مسلسل جھالت خلاف جدو جھد ڪئي ترقي پسند عالم ھو ان جا ڪارڪن وڏا پاڙھو ھئا عورتن ۾ شعوري لاٽ ٻاري، ڪالاباغ ڊيم کي سنڌ خلاف سازش کي سمجھايو ۽ ان خلاف وڏي جدوجھد ڪري ڪراچي ۾ ھزارين ماڻھو گڏ ڪيا. آصف علي مهر لکيو ته پليجو صاحب علمي سياسي جدوجھد حوالي سان ھڪ فخريه شخصيت آهي، جاويد حالتي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيل ۾ پوليس جمعدار جي ٽنگن کي زور ڏيندڙ قيدي کان پڇيم ڪھڙي ڏوھ ۾ اندر آيو آھين .چيائين ، ” سائين، غيرت جو معاملو ھو. (رسول بخش پليجو) ورسي تي رسول بخش پليجو کي سلام پيش ڪريون ٿا، وڪرم ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مُسلسل جاكوڙ ۽ جدوجهد جي علامت، سموري حياتي مظلُوم عوام جي حقن لاءِ جهيڙيندڙ مهان ڏاهي رسُول بخش پليجو جي اڻٿڪ جدوجھد کي سُرخ سلام…! عاجز جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته محترم رسول بخش پليجو سنڌ جو ھڪ وڏو وڪيل ھئو ،جنھن سنڌ جي حقن جي ھر فورم تي وڪالت ڪئي، سنڌ ۾ ترقي پسندي روشن خيالي ۽ انقلابي نظرئي کي ڦهلائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، پنھنجي نظرياتي سياسي دور ۾ اسان  پليجي صاحب جي نظرين جا مخالف ھئاسين پر بعد ۾ منھنجون پليجي صاحب سان کوڙ ساريون ڪچهريون ٿيون ، سنڌ کيس ھميشه ياد رکندي. دانش خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته روشن خيالي، ترقي پسندي ۽ انقلابيت جي معنيٰ ماڻھن جي ڏکن جي دنيا بدلائي سُکن ۾ تبديل ڪرڻ آھي.  (رسول بخش پليجو)..نند ڌناڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏رسول بخش پليجو صاحب جو فن فڪر ۽ سياسي دانشمندي سنڌ جي عورت کي جدوجھد ڪرڻ جو روح ارپيو آئون سمجھان ٿو رسول بخش  سنڌ جو واحد مفڪر ۽ سياسي اڳواڻ آھي جنھن سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي عورتن کي ڪڍي سياست جي اسٽيج تي آندو اھڙا روح روان زندا دل انسان تاريخ ۾ ھميشه ياد رھندا، مير يونس ٽالپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رسول بخش پليجو صاحب مٽيءَ ۾ دفن ٿيل ماڻھن کي حوصلا ۽ همٿون ڏيئي کين سياست جي افق تي کڻي آيو، هن سنڌي سماج جي پيڙهيل طبقن کي پاڻ سان جوڙي نئين طاقت ٺاهي ورتي، عورتن، ٻارن، هارين، پورهيتن جون تنظيمون جوڙيون، هن ذلت جي ماريل ماڻهن کي پنهنجي قيادت ۾ گوڏن ڀر جيئڻ بدران پيرن ڀر بيهي وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو. ارشد زئور، انعام الله ڪانڌڙو، چانڊيو حنيف سنڌي، رحيم جوکيو، ايم پناهه رند، سنڌي حفيظ ڀنڀرو،شوڪت بلوچ، محمد سميع ابڙو، سرمد راڄپر، هري رام چوهاڻ، اجمل ڪولهي ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪيون.