رسول بخش پليجو، هڪ مزاحمتي ڪهاڻيڪار

0
34
رسول بخش پليجو، هڪ مزاحمتي ڪهاڻيڪار

 رسول بخش پليجي کي اسان کان وڇڙئي ڇهه سال پورا ٿي ويا. هن جي مرتئي تي هڪ عالمي خابرو اداري پنهنجي ويب سائيٽ تي شهه سرخي هنئي هئي: “مزاحمتي سياستدان رسول بخش پليجو چل بسي”. ستن لفظن تي ٻڌل ان هيڊنگ مان هن جي شخصيت جو پورو احاطو ڪري سگهجي ٿو. هڪ پاسي هتي هو باڪمال مقرر، بهترين وڪيل، مزاحمتي سياستدان ۽ شاندار ليکڪ هو، اتي هن جي لکڻ جي هنر ۾ سنڌي مختصر ڪهاڻيءَ کي پڻ شامل آهي. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار پڻ هن جيان مزاحمتي، دلير ۽ ارڏا آهن. پنهنجي شروعاتي دؤر ۾ مختصر ڪهاڻين جي معرفت هن عام ماڻهن کي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت ڪيئن ڪجي؟

                 هڪ ڀيري جڏهن پليجي صاحب جي ڪهاڻين بابت ڪامريڊ جاويد راڄپر سان گفتگو ٿي ته هن مونسان هن جي ڪهاڻين بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ونڊ ڪيون هيون، جن ۾ هڪ هيءَ به هئي ته سماج کي ڪهاڻين جي معرفت تبديل ڪري سگهجي ٿو، جيڪي ڳالهيون عام گفتگو ۾ نه ٿيون ڪري سگهجن اهي ڪهاڻين جي ذريعي ٻڌائي ۽ سمجهائي سگهجن ٿيون. ان حوالي سان هڪ ڳالهه وثوق سان چئي سگهجي ٿي ته جن ماڻهن کي رسول بخش پليجو سمجهه ۾ نه ٿو اچي، اهي هن جون ڪهاڻيون پڙهن، انهن کي اسان جو هيءُ ڪهاڻيڪار پنهنجين ڪهاڻين ۾ گهڻيون ڳالهيون سؤلي انداز سان سمجهائي ويندو!

رسول بخش پليجي جي ڪتاب “پسي ڳاڙها گل” ۾ شامل، “اڄ آڳڙيا آئيا”، “وڍيو هئين ته ويهه”، “بختاور”، “جتي باهه ٻري“، “پسي ڳاڙها گل”، “نظريه اسلامستان”، “سچ جو ڏينهن” سميت هر ڪهاڻي مزاحمت جو مڪمل استعارو آهي، پر ڪتاب “ڪورٽ ڪهاڻيون” ۾ شامل ڪهاڻي “ڏوٿي سا ڏورين” اهڙي مختصر ڪهاڻي آهي، جيڪا وري وري پڙهجي ۽ ان مان سبق حاصل ڪجي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ‘ڪنڊي’ جو ڪردار پنهنجي اندار مزاحمت جي اهڙي تشبيهه آهي، جنهن جو ڪڏهن به اختتام ناهي ٿيندو. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پاسي جتي ڪنڊي جي صورت ۾ هڪ زبردست ڪردار جو تعارف آهي، اتي ٻئي طرف ڊائلاگ به قهر جا آهن، ڪهاڻيءَ جا ڪجهه مڪالما هيٺ رکجن ٿا، جنهن مان مڪمل حظ ته حاصل نه ٿيندو البت ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي.

اصل ۾ هيءَ ڪهاڻي ڪنڊي نالي هڪ اهڙي مزاحمتي ڪردار جي آهي، جيڪو ڪنهن به صورت جهڪڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ڪنڊي جي مزاحمت عروج تي آهي ته هن جا مائٽ ڪهڙي ريت ان کي ڀاڙيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، هيٺ ڏنل سٽن ۾ سمجهي سگهجي ٿو:

“ٻئي پاسي ڪنڊي جي چاچن، مامن ۽ فائنل پاس ماستر اچي کيس ورايو ته، ميان ڇڏ ٻني، رئيس جبل آهي، ان سان ٽڪر کائي پنهنجو مٿو ڪونه ڦاڙائبو. ڏاڏس به هدايت ڪيس ته، ابا هن عمر ۾ ٿاڻو نه ڏيکارجانءِ….! اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي ڪنڊي جو پنهنجي منهن ڀڻڪڻ ۽ اهو چوڻ ته: ٻنيون مليون ته ڪونه، باقي هو هارپو، سو به ويو. اسان جي ته الله به ڪونه ٿو ٻُڌي”.

سچ ته هي هڪ ڊائلاگ ئي ڪهاڻيءَ جي مٿي جو موڙ آهي، “ٻنيون مليون ته ڪونه، باقي هو هارپو، سو به ويو. اسان جي ته الله به ڪونه ٿو ٻُڌي”. بظاهر مايوسيءَ ۾ وڪوڙيندڙ هن جملي جو ادراڪ ان وقت ٿئي ٿو، جڏهن خبر پوي ٿي ته، چٿر ۽ ڪاوڙ جي لهجي ۾ اهو مڪالمو مايوسي نه پر ڪاوڙ ۾ ڳالهايو ويو هو، جنهن جو ثبوت هي آهي ته آخرڪار سوڀ ڪنڊي جي ٿئي ٿي. ٻئي پاسي جڏهن هن جي ملاقات تر جي ڪامريڊ خدا بخش سان ٿئي ٿي، خدا بخش جيڪو سر عام وڏيرن کي گاريون ڏيندو آهي ته هن جي اڳيان زندگيءَ جا ڪجهه نوان رخ نروار ٿين ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ اهي سٽون به غضب جون آهن، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته: “جن وڏيرن کي خدا بخش گاريون ڏيندو هو، انهن هن جي حڪومت سان ملي، هن جا ڍڳا چوري ڪرايا”.

ڪهاڻيڪار، پڙهندڙ کي ڪيڏي نه نفيس طريقي ۽ س‍ؤلي واٽ تي وٺي هلي پيو، ڪهڙي نموني سان هن کي مزاحمت جا ڍنگ سيکاري پيو، سچ ته هر لفظ تي ‘واهه واهه’ جا لفظ بي اختيار نڪري پون ٿا. هڪ جڳهه تي ڪنڊي جي واتان هي ڊائلاگ ته: “ادا! آءٌ ته ترسان، پر بُک، بيماري ۽ بيڪاري مون کي مهلت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، آءٌ ڇا ڪريان؟” بلڪل بک بيماري ۽ بيڪاري انسان کي ڪيئن ڇتو ڪن ٿيون، هو ڪهڙي ريت ردعمل ڏيکاري ٿو، سو هن هڪ ڪهاڻيءَ ۾ توهان کي ملي ويندو. اها خوبي فقط ڪجهه ڪهاڻيڪارن ۾ هوندي آهي ته هو، تُز لفظن ۾ معاشري جون سچايون بيان ڪندا آهن ۽ ان ڪي به ٻه رايا ناهن ته رسول بخش پليجو، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ به نبض شناس هو.

هن جي ڪهاڻين ۾ اهو سڀ ڪجهه پڙهڻ لاءِ ملي ٿو، جيڪو هن پوئتي پيل معاشرن جون تلخ حقيقتون هونديون آهن.ڪهاڻي ‘ڏوٿي سا ڏورين’ جو پلاٽ ايترو ته مربوط آهي، جو ڪٿي به پڙهندڙ کي ڌاريائپ جو احساس نه ٿو ٿي، قاري هر لفظ، هر جملي جو احترام ڪرڻ تي مجبور ٿيو وڃي؛ خاص ڪري ڪهاڻيءَ جو ڪلائمڪس ۽ پوءِ پڄاڻي پنهنجي جڳهه تي اعلى انساني آدرشن جي عين مطابق آهي، جنهن ۾ فتح هر حال ۾ حق ۽ سچ جي ٿيڻي آهي، ان لاءِ ڪهاڻيءَ ۾ موجود هنن سٽن تان به ساهه صدقي ڪرڻ تي دل گهريو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته: “ڪالهه ڪنڊي جي ونگار هئي، جنهن ۾ آسي پاسي جا 80 جوڙا هئا، رئيس خاص پنهنجن هارين کي وڙهڻ لاءِ چيو. هنن گڏجي وراڻيو ته، “اسين پنهنجي هاري ڀائرن سان نه وڙهنداسون”. رئيس مجبور ٿي پيو. لاچار ٺاهه جي موڊ ۾ آيو.

پر ڳالهه اتي ختم نه ٿي ٿئي، عالمي سطح تي شارٽ اسٽوريءَ جي وڏي خوبي ‘ڇرڪائيندڙ انجام’ ڏانهن انهن سٽن سان وڌي ٿي ته: “ڪنڊو سڀني کي ڪجهه قدر ويساند ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر هن جو اصل ڪم اڃا اڳتي هو ۽ هو پنهنجو اُهو ڪم اڳي کان به وڌيڪ جوش سان ڪندو رهيو”.

هتي پليجي صاحب جي فقط هڪ ڪتاب جي هڪ ڪهاڻيءَ جو ڇيد ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن سندس سڀني ڪهاڻين تي تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ڪيو وڃي ته ڪيئي ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي جا مقالا تيار ڪري سگهجن ٿا. آخر ۾ پنهنجي دوست پروفيسر امير گل ڪٽوهڙ جي هن نُڪتي سان مڪمل اتفاق ڏيکاريندي مضمون کي سهڙيندس ته: “رسول بخش پليجو، 88 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي عمر کان ڏهوڻ تي ڪم ڪري ويو”. انهيءَ ڪم ۾ پليجي صاحب جون مزاحمتي ڪهاڻيون به شامل آهن. شامل ڇا، محاذ تي هراول دستي جو ڪم پيون ڪن، جن کي ڪنهن به صورت پاسي تي نه ٿو رکي سگهجي.