رستم ڀرسان هٿياربند وين ۾ سوار 4 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، ٿاڻي جو گهيراءُ

0
13
رستم ڀرسان هٿياربند وين ۾ سوار 4 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، ٿاڻي جو گهيراءُ
رستم ڀرسان هٿياربند وين ۾ سوار 4 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، ٿاڻي جو گهيراءُ

چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر ) رستم ٿاڻي جي حد شهلي پير وٽ پوليس چوڪي سامهون 20 کان وڌيڪ هٿياربند روڊ تي رسا ٻڌي ڪيترن ئي مسافر گاڏينن مان ڦر لٽ ڪرڻ کانپوءِ رستم جي مسافر ويگن کي روڪي رستم شهر واسي چئن ڄڻن عمر قريشي، آصف قريشي، بادشاهه قريشي خانپور واسي حسنين آرائين کي اغوا ڪري کڻي ويا

واقعي بعد هٿياربندن ويگن ڊرائيور کي ڇڏي ڏنو. جنهن رستم شهر پهچي شهرين ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس ۽ شهرين هٿياربندن جا پيرا کنيا، جيڪي ڳوٺ قبو جامي اڳيان گم ٿي ويا، ٻئي طرف مڇريل ماڻهن پ پ اڳواڻ ڪامران مهر جي اڳواڻي ۾ رستم ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ آيو، پر سندس مقرري بعد علائقو بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي.ياد رهي ته رستم لڳ عبدالغفار شاهه،  صدام دايو ۽ 2 مهينا اڳ مير جاگيراڻي ۽ مولا بخش بروهي پڻ اغوا ٿيل آھن

تازو چئن ڄڻن جي اغوا بعد چڪ رستم واري علائقي مان اغوا ٿيل مغوين جو انگ وڌي 8 تائين پهتو آهي، پر رستم. چڪ پوليس هميشه جيان ڪن لاٽار ۾ پوري آھي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن جي پوليس چوڪي تي حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد، اي ايس آءِ سميت 2 زخمي