شڪارپور/ چڪ(نمائندن وٽان) رستم ٿاڻي جي حد شهلي پير وٽان اغوا ٿي ويل چئن ڄڻن عمر قريشي، آصف قريشي. بادشاهه قريشي ۽ حسنين کي بازياب نه ڪرائي سگهي، پوليس مان مايوس مغوين جا وارث ۽ شهري  پاڪ ڪتاب کڻي ڪچي ۾ لهي پيا، لٿان به کڙڪ نه پوڻ تي وارث مايوس ٿي موٽي آيا، ٻي طرف اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مهر، ايم پي اي محمد عارف مهر ۽ ڪامران مهر وفد جي صورت ۾ ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون ملاقات ڪئي، ايس ايس پي شڪارپور پاران مغوين جي جلد بازيابيءَ جي خاطر ڪرائي وئي. عبدالغفار شاهه، صدام دايو، مير جاگيراڻي ۽ مولا بخش به ڏوهارين وٽ قيد آهي.