رت جي رشتن ھٿان قتل ٿيل ڪونڌر جوان

0
201
رت جي رشتن ھٿان قتل ٿيل ڪونڌر جوان

معاشري اندر رشتن جا 2 قسم ھوندا آھن ھڪ رت جا رشتا ٻيا احساس جا رشتا ھوندا آھن پر اسان جي ڪٺور دل معاشري اندر ٻنھي رشتن جي موڪلاڻي ٿيندي پئي وڃي. معاشري اندر احساس جي رشتن جو نالو نشان مٽجي چڪو آهي ھر طرف مفادپرستي مطلب جي دنيا جا چرچا عام جام ٿي ويا آهن. موجوده حالتن ۾ معاشري اندر احساس جي رشتن جي جڳهھ مطلبي رشتن مفاد پرست ماڻھن قبضو ڪري ڇڏيو آهي ھر طرف صرف مطلب مفادن جو ڪم عروج تي ھلي رھيو آھي باقي احساس واري رشتي جي نالي ڪا شيءَ ناهي رھي. ايئن کڻي چئجي ته معاشري اندر احساس جي رشتن جي جڳھه تي مفاد پرست ماڻھن زبردستي قبضو ڪري معاشري کي تباھه برباد ڪري ڇڏيو آهي. ھر طرف محبتن خوشين جي جڳھه تي نفرتن جي بازار گرم لڳي پئي آهي جڏهن ته ٻئي پاسي معاشري اندر احساس جي رشتن سان گڏوگڏ رت جي رشتن ۾ وفا پنھنجي پڄاڻي تي پهچي چڪي آهي، ھاڻي احساس جي رشتن سان گڏوگڏ رت جي رشتن گھرن جا گھر تباھه ڪري ڇڏيا آهن اھڙن مطلبي رشتن گھڻن ئي انسانن جون زندگيون ختم ڪري ڇڏيون آهن.  روزاني جي بنياد تي معاشري اندر رت جي رشتن ھٿان قتل ٿيل واقعن کي ڏسڻ ٻڌڻ سان لڱ ڪانڊرائجي ويندا آهن ته ھي ڪھڙو نازڪ دؤر اچي ويو آهي جنهن ۾ رت جي رشتن ھٿان مٽن مائٽن دوستن عزيزن کي قتل ڪرڻ معمول بڻجي رهيو آهي. جيڪڏهن ھلندڙ ھفتي دوران صرف ھڪ ڏينھن جي ٻن واقعن تي نظر ڪجي  ته رت جي رشتن گھڻن ئي انسانن کي روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. نرم دل احساس رکندڙ ماڻهن جي دل ۾ ھڪ عجيب ڪيفيت پيدا ٿي وئي آهي ته ھي سڀ ڪجهھ ڇا ٿي رهيو آهي ھاڻي ته رت جي رشتن ۾ وفا ناھي رهي. گھوٽڪي ۾ زال پنھنجي چاھيندڙ سان گڏجي پنھنجي ور ۽ گھرواري کي مارائي ڇڏيو آهي. پوليس فوري ڪاروائي ڪندي قاتل جوابدار سان گڏ مظلوم مقتول مڙس جي  گھرواري الماس کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي. ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ۾ پڻ اھڙي قسم جو ساڳيو واقعو سامھون آيو آهي ته اٺ ٻارن جي ماءُ ڪنھن ڌارئي ماڻهوءَ سان گڏ پنھنجي زندگيءَ جي ھمسفر کي ماري لاش کي لوڙهي ڇڏيو جنھن جي ٽن ڏينهن جي جاچ کان پوءِ قاتل سندس گھرواري نڪتي. افسوس جي ڳالھه آهي ته قاتل گھروارين کي پنھنجي معصوم ٻارڙن جي مستقبل کي سنوارڻ زندگي گذارڻ جو ڪو خيال دل ۾ احساس پيدا نه ٿيو ته ھي ڪھڙو ظلم ڪري رهيون آهن. زال مڙس ته زندگي جا ھمسفر ھوندا آھن جيڪي سڄي زندگي گڏ گذارڻ جا ارادا ڪري زندگي گذاريندا آھن. زال مڙس ته ھڪ ٻئي جي ڏکن سورن جو ڀرجھلو ھجڻ سان گڏ مرڻ گھڙيءَ تائين زندگي گذارڻ جا وچن ڪندا آھن. زال مڙس جو رشتو سڀني رشتن کان ھڪ الڳ حيثيت ۽ عزت رکي ٿو. اڄ ڪلھه جي دؤر ۾ عورتن کي ھڪ عظيم رشتي سان گڏ وفاداري جو لقب مليل آهي. اھڙن واقعن کي ڏسجي ته ھاڻي رت جي رشتن ۾ وفا پنهنجائپ وارو احساس ناهي رھيو ھڪ عورت جنھن کي معاشري ۾ ڪمزور سمجھيو ويندو آھي پر اڄ جي دور ۾ ھڪ عورت پنھنجي ور مڙس سان ڇا ڇا نه ڪري رهي آهي. ھڪ گھرواري پنھنجي ور سان ڪيڏو وڏو ويڌن ڪري سڄي زندگي پنھنجي مٿان ھڪ ڪارو داغ لڳائي ڇڏيو آهي. اھڙن واقعن کان پوءِ معاشري اندر احساس جي رشتن سان گڏ رت جي رشتن مان ارواح کڄي ويو آهي جنهن کي ڏسي ايئن ٿو لڳي ته ھي معاشرو احساس ڪمتري جو شڪار بڻجي ويو آهي جنهن ۾ اھڙا واقعا رونما ٿيڻ وڏي اھميت جوڳا آهن جيڪڏهن اھڙن واقعن کي ھينئر کان نه روڪيو ويو ته ايندڙ حالتن ۾ اھڙي قسم جا واقعا وڌي سگھن ٿا.