رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري ۾ مڪاني چونڊن جو چهچٽو جاري ، سينيٽر سيف الله ابڙو جو ويجھو ساٿي پي ٽي آءِ ڇڏي پ پ ۾ شامل ، پ پ اميدوار جي حق ۾ پڻ دستبردار ٿي ويو . خبر موجب رتوديرو ۾ اميدوارن کي هٿ کڻائڻ ۽ جوڙ توڙ وارو عمل هلندڙ آهي، وارڊ 10 تي آزاد اميدوار ۽ سينيٽر سيف الله ابڙو جو ويجھو ساٿي  پي ٽي آءِ سٽي رتوديرو جو اڳوڻو صدر خالد حسين اوڍو پ پ پ اميدوار نديم اختر سومرو جي حق ۾ هٿ کڻڻ پنهنجي برادري سميت پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شهر جي وارڊ 5 تي پ پ  اميدوار منير احمد جلباڻي جي حق ۾ عبدالرزاق جلباڻي ۽ فياض حسين جکرو هٿ کڻي ويا، وارڊ 3 تي پ پ پ اميدوار گل محمد جکرو جي حمايت  ڪندي آزاد اميدوار محمد حسين جکرو هٿ کڻي ڇڏيو جڏهن ته وارڊ 6 تي پ پ  اميدوار پٺاڻ ٻپڙ جي حق ۾ آزاد اميدوار محبوب ميراڻي هٿ کنيو آهي، ان موقعي تي پ پ پ ضلعي لاڙڪاڻو جو جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري پ پ پ سٽي جو صدر ممتاز علي عارباڻي  ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا، پ پ اڳواڻ اعجاز احمد لغاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مڪاني چونڊن ۾ پ پ اميدوار شهر جي 10 ئي وارڊن تي ڪاميابي ماڻيندا. هن چيو ته پ پ واحد عوامي پارٽي آهي جيڪا عوام جا مسئلا حل ڪرائي ٿي ۽ هر وقت غريب عوام جي حقن لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي.