رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي مزار تي آيل ڪارڪنن کان ٿيل ڦر واقعي ۽ بدامني خلاف ريلي ڪڍي جنرل بس اسٽينڊ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن اشرف ڪلهوڙو، آصف اوڍو ، اسد کوکر ، اڪرم ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بدامني عروج تي آهي، هنن چيو ته  شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ آيل ڪارڪنن کان ڦورو موبائل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا، واقعي کي ست ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڙو ناهي ڪيو. مظاهرين چتاءُ ڏنو ته واقعي ۾ ملوث ڦورو گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس نه ڪرايو ويو ته ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻو اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.