رتوديرو (ن پ ا ) ڳوٺ عثمان انڙ ٻاهران ويٺل لاڏائو ماڻهن جي ڪکاون گھرن کي باهه لڳڻ سبب عبدالنبي، الله بخش، واحد بخش، بابل، خان محمد، قربان ۽ جنيد بروهي جي گھرن ۾ پيل چاليهه مڻ اناج، سولر پليٽون، بيٽريون، هڪ موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو.متاثرن جو چوڻ هو ته بلوچستان جي علائقي  سوراب جا رهواسي آهيون،  مزدوري ڪرڻ واسطي آيل آهيون، خبر نه ٿي پوي ته گھڙن کي باهه ڪيئن لڳي، متاثرين پنهنجي عورتن ۽ ٻارڙن سميت مدد لاءِ کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن.