رتوديرو (ن پ ا ) رتوديرو مان ڪراچي پوليس هٿان کنڀجي ويل ست گھر ڀاتين جي معصوم ٻارڙن پاران 21 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ٻارڙن رتوديرو پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ٻارڙن معز ، عليشا ، نتاشا ، حليمان ، محمد حسين ، عبدالله ، سونهن قريشي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڪراچي پوليس اسان جي گھر جي ستن ڀاتين منظور علي ، مظهر ، عبدالفتاح ، محمد جمن ، فهد ، غازي خان ۽ محمد قاسم کي بيگناهه کنڀي کڻي وئي آهي ايترا ڏينهن گذري ويا آهن پر انهن کي اڃا تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو. هوڏانهن ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي سرواڻ قادر چانڊيو پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ ٻارڙن وٽ يڪجھتي طور پهتو ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد بشير خان قريشي جي خاندان جا معصوم ٻچڙا 21 ڏينهن کان احتجاج تي ويٺل آهن پر هن مهل تائين جيڪي ماڻهو بيگناهه کنڀي گم ڪيا ويا آهن.