رتوديرو (ن پ ا )رتوديرو جي ريشم بازار۾ 3 ڏينهن اڳ ويسر _ بروهي تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان خليل احمد ويسر جي وارثن والد حاجي احمد۽ سعيد ويسر احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، 9 جوابدارن مٿان قتل ڪيس داخل ڪرايو، واقعي کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران انهن کي تحفظ ڏئي رهي آهي، هوڏانهن نوجوان خليل احمد ويسر جي قتل ڪيس ۾ نامزد تنيا برادري جي ماڻهن عبدالخالق، محمد قاسم ۽ الاهي بخش تنيو احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ويسر برادري جي قتل ٿي ويل نوجوان واري واقعي سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي، اسان جي ماڻهن اڪبر ۽ غلام اصغر تنيو جا نالا ڪيس ۾ ڏنا ويا آهن، ساک پت ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون، نوجوان جي قتل جي ثابتي ظاهر ٿئي ته اسان هر ڏنڊ ڏوهه ڀرڻ لاءِ تيار آهيون.