رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري جي بوائز هاءِ اسڪول کي متاثرن مال جي واڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو،متاثرن پاران چوپايو مال ٻڌڻ سبب اسڪول گندگي ۽ بدبوءِ جي ور چڙھي ويو. گندگي ۽ بدبوءِ جي ڪريي بماريون ڦهلجڻ جو پڻ انديشو آھي، هيڊ ماستر سيف الله رند الزام هڻندي چيو ته متاثرن اسڪول جي سامان جي بي دردي سان ڀڃ ڊاھ ڪرڻ کان علاوه پکا ۽ ٻيو سامان گم ڪري ڇڏيو آھي.هن چيو ته متاثرن پاران چوپايو مال ٻڌڻ سبب اسڪول جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آھي. گرائونڊ تي پڻ برساتي پاڻي ٻوڏ جيان بيٺل آھي، جنهن جي نيڪال لاءِ به ڪو بندوبست ناهي ڪيو ويو، اهڙيون شڪايتون اعليٰ آفيسرن کي پڻ ڪيون آھن. هن وڌيڪ چيو ته رتوديرو باءِ پاس تي متاثرن لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ متاثرن کي رهايو ۽ گرائونڊ تي بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن اسڪول جي عمارت نقصان کان بچي پئي.