خيرپور (رپورٽر) راڻيپور جي پيرن جي حويليءَ اندر قيد ٿيل نوابشاهه واسي نوجوان اقبال پٽ ڀورل شنباڻي پنهنجي جان ڇڏائي زنجيرن سميت شهرين وٽ پهچي ويو، اهڙي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، نوجوان وائرل ٿيل وڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته هن کي هڪ پير  پنهنجي حويليءَ ۾ ٻن سالن کان قيد ڪري رکيو هو، کانئس حويليءَ جو ڪم ورتو ويندو هو، ڪم صحيح نه ڪرڻ تان کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو ۽ ماني به نه ڏني ويندي هئي، کيس ننڍي هوندي سندس والد پيرن جي حويليءَ ۾ ڇڏي ويو هو جتان هو ڀڄي نڪتو آهي.