راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي هڪ مدرسي جا 3 ٻار مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿي ويا. پوليس موجب چونترا ٿاڻي جي حدن ۾ مدرسي جا 3 کٿابي فوت ٿيا، 2 کٿابي صبح جو مئل حالت ۾ مليا، جڏهن ته هڪ جي حالت خراب هئي، جنهن اسپتال پهچندي ئي دم ڏئي ڇڏيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جنيد، عباد ۽ اسلام صروبه دربار جي مدرسي ۾ کٿابي هئا، ٻارن رات کاڌو کائڻ کانپوءِ انتظاميا سان پيٽ جي سور جي دانهن ڪئي هئي. پوليس ٻارن جا لاش ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اختيارين جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم کانپوءِ حقيقتون واضح ٿينديون.