حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان جميعت علماءِ اسلام جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو قاسم آباد ۾ سندس رھائشگاھ تي پھچي ملاقات ڪري ملڪ ۽ سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن ايندڙ بلدياتي ۽ عام چونڊن بابت به صلاح مشورا ڪيا. ملاقات دوران اياز لطيف پليجو جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ مھانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري عوام سخت پريشان آھي. سنڌ جي زمينن، جزيرن، وحدت ۽ وسيلن جي حفاظت ڪئي ويندي. ترجمان موجب راشد محمود قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه کي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته سنڌ جي مڙني ضلعن، تعلقن توڙي ڳوٺن ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي جڏهن ته گورننس تباهه هئڻ سبب عوام مايوس ٿي چڪو آهي. جمعيت علماءِ اڳوڻ چيو ته سنڌ ۾ زرعي تباھي ۽ ڪرپشن جي ڪري عوام شديد مشڪلاتن جو شڪار آھي. ملڪ 22 ڪروڙ پاڪستانين جو آھي، حڪمرانن جو ناھي، ان لاءِ کين گهرجي ته هو عوام جي جان مال جي حفاظت ۽ روزگار کي تحفظ فراهم ڪن. اياز لطيف پليجو ۽ راشد محمود سومرو ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سنڌ جو عوام وفاق کان پاڻي، روزگار ۽ وسيلن ۾ برابري ۽ انصاف وارو حصو چاھي ٿو ان لاءِ عوامي حقن توڙي وسيلن جي حفاظت لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي ويندي جڏهن ته سنڌ جي سڃاڻ ڌرين توڙي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري کين گڏيل حڪمت عملي لاءِ راضي ڪيو ويندو.