رائونتي (ن پ ا) رائونتي پوليس پاران اوٻاوڙي مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 2 مغوين کي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾  پوليس موجب ته ٻن ڀائرن اياز علي جوڻو ۽ سلمان علي جوڻو کي  ڏوھارين طرفان  اوٻاوڙو گهر طرف ويندي اغوا ڪيو ويو هو،  جن  کي رائونتي ويجھو ڪمند جي فصل ۾ لڪايو ويو ھو ، جتي پوليس ڏوھارين سان مقابلو ڪري مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آھي.