سنجهورو (خاص عيوضي) سنجهورو ويجهو بيدردي سان قتل ٿيل عورت ديا وارو واقعو، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي پاران واقعي واري هنڌ جو معائنو، 5 رڪني جاچ ڪاميٽي قائم، عورت جي ڀاءُ ۽ پٽ سميت خاندان جا 7 ڄڻا گرفتار، ڀوپن جي حراست ۾ وٺڻ جا اطلاع، جوابدارن جو سراغ نه مليو، خبر موجب 2 ڏينهن اڳ ڳوٺ ڊپٽي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل بيواهه عورت ديا ڀيل واري واقعي ۾ پوليس رات دير سان ديا ڀيل جي اڪيلي پٽ سومر چند ۽ ڀاءُ ڏهراج سميت خاندان جي 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي، جڏهن ته پوليس ديا ڀيل جي بي رحماڻي قتل جي نوعيت کي ڪاري جادو ڪرڻ وارن ڀوپن جي مبينا ڪارروائي طور تي به جاچڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ ڪجھه ڀوپن ۽ حجامن کي به حراست ۾ وٺڻ جا اطلاع آهن، ٻئي پاسي پوليس گاهه جي آخري ڀيرو ڀري ڏيندڙ ديا ڀيل جي 14 ورهين جي نياڻي ميبا ڀيل کي پڻ ٿاڻي تي گهرائي انڪوائري ڪئي، جڏهن ته ٻين نياڻين کان به معلومات ورتي، هوڏانهن ڊي آءِ جي شھيد بينظير يونس چانڊيو ۽ ايس ايس پي سانگهڙ بشير بروهي واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ وارثن سان پڻ ملاقات ڪئي، پر عورت جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جو سراغ نه ملي سگهيو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي جي هدايتن تي 5 رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن جو سربراهه ڊي ايس پي سنجهورو جاويد اقبال چانڊيو هوندو، جڏهن ته ٽيم ۾ انچارج سي آءِ اي جاويد جلباڻي، انسپيڪٽر اسحاق سنگراسي ۽ انسپيڪٽر شبير دلواڻي شامل آهي، جيڪي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪندا، ايس ايس پي سانگهڙ بشير بروهي چيو ته اسان جلد عورت جي قاتلن تائين پهچڻ وارا آهيون، هر صورت ۾ وارثن کي انصاف ڏياريو ويندو.