دولتپور صفن (رپورٽ: پيرل پلي) دولتپور پوليس ٻن ڄڻن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، ڏوهاري قرار، مقابلي جي دعويٰ، هٿيار هٿ، وارثن مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو، سندن چوڻ آهي ته پوليس رشوت نه ڏيڻ تي نوجوانن کي مقابلو ڄاڻائي بيگناهه ماريو آهي، پوليس موجب گشت دوران سنگراهه موري وٽ پهتاسين ته 3 هٿياربند ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هئا، جن پوليس موبائيل ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ 2 هٿياربند ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس موجب مارجي ويل هٿياربندن وٽان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ هڪ پسٽل هٿ آيو آهي، پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ محمد ياسين مري ويٺل غلام خان جمالي سرھاڙي ۽ زاھد حسين ولد لکمير چانڊيو ويٺل ڳوٺ طيب لاکو نوابشاهه طور ٿي آهي، پوليس موجب مارجي ويل ٻنهي جوابدارن مٿان مختلف ٿاڻن تي ڏوهن جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن، مارجي ويلن جا لاش شاهپور جھانيان اسپتال نيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، هوڏانهن نواب شاهه ۾ چودڳي واسي نوجوان محمد ياسين مري جي وارثن محمد مري، جاڙو خان، غلام رسول مري، جلال الدين ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو ته سندن نوجوان ياسين ڪراچي جي شادي ھال ۾ مزدوري ڪندو ھو، جنھن کي دولتپور پوليس جي ايس ايچ او قربان ڪلھوڙو بااثرن جي چوڻ تي 3 ڏينھن اڳ ڪراچي مان گرفتار ڪري آيو، هنن چيو ته پوليس نوجوان کي آزاد ڪرڻ لاءِ مسلسل پئسن جي گھر ڪندو رھي، ھنن چيو ته اسان غريب پئسا نه ڏئي سگھياسين ته هنن نوجوان کي بيگناهه مقابلي ۾ ماري ڇڏيو، ھنن چيو ته اسان جو نوجوان ڏوھاري نه ھو، معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي وڃي.