دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب پٻجو ڳاھنڊ لنڪ روڊ تي معمول واري گشت دوران ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ٽن ھٿياربندن ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ هٿياربند منھڙو واسي ياسر ولد لياقت علي جٽ زخمي ٿي پيو، جنهن اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار چوري، ڦر ۽ ڌاڙن جي ڏوهن ۾ ملوث هو، مٿس پوليس مقابلن سميت مختلف ٿاڻن تي سنگين نوعيت جا ڪيس به داخل آھن، جوابدار وٽان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.