حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ اسلام ڪوٽ پوليس هٿان پورهيت دودي ڀيل واقعي خلاف ٿيل احتجاج بعد داخل دهشتگردي واري ڪيس مان پروفيسر جي گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ڪيس ۾ نامزد پروفيسر ڀيمراج ميگهواڙ پنهنجي وڪيل هيمن داس معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. جسٽس ارشد علي خان ۽ جسٽس ارشاد علي شاهه تي مشتمل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته اسلام ڪوٽ ۾ جنهن رات ڌرڻو لڳو هو ان رات پروفيسر حيدرآباد ۾ هو پر ڌرڻي ۾ غيرموجودگي باوجود مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته کيس گوڙاڻو ڊيم خلاف 636 ڏينهن مسلسل احتجاج ڪرڻ تي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائي ڪيس ۾ نالو ڏنو ويو آهي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس ۾ نامزد پروفيسر جي 50 هزار رپين عيوض هفتي لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿي ضمانت ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.