دوداپور (ن پ ا) دوداپور ڀرسان ڳوٺ مٺل ڪٽوھر جي رھواسي پورهيت غوث بخش ڪٽوھر جا 3 ٻارڙا منور علي، ميرحسن ۽  عبدالغفور ڪٽوهر پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي گھمڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي معذور بڻجي ويا آهن، ان حوالي سان پورهيت غوث بخش ڪٽوهر ٻڌايو ته مسڪين آهيون، گھر جو الھه تلھه وڪڻي ٻارڙن جو علاج ڪرايو پر صحتياب ناهن ٿيا، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻارڙن جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي.