ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم جي اسپتال مان دهشتگردن جو سستي اگهن تي علاج ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ڪيس مان 5 شاهدن کي الڳ ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ڊي جي رينجرز کي نوٽيس جاري 28 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.