دنيا ۾ سال 2021 جو سڀ کان وڏو ڪرپٽ ماڻهو ڪير؟

0
422
دنيا ۾ سال 2021 جو

ڪراچي(م ڊ) منظم ڪرائم ۽ ڪرپشن بابت رپورٽنگ جي گروپ آرگنائزڊ ڪرائم اينڊ ڪرپشن رپورٽنگ پروجيڪٽ (او سي آر پي) سال 2021 جي بدعنوان ترين شخصيتن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي

پرڏيهي رپورٽن موجب يورپي ملڪ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو کي ڪرپٽ پرسن آف دي ايئر چونڊيو ويو آهي

هن کي منظم ڏوهن ۽ ڪرپشن کي فروغ ڏيڻ تي کيس 2021 جو ڪرپٽ پرسن آف دي ايئر قرار ڏنو ويو

رپورٽ ۾ هلندڙ سال جي ٻين ڪرپٽ ترين شخصيتن ۾ افغانستان جي اڳوڻي صدر اشرف غني ۽ شام جو صدر بشار الاسد شامل آهن

رپورٽ موجب ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ ڇهن صحافين تي ٻڌل پينل دنيا جي 1167 اميدوارن مان بيلاروس جي صدر کي چونڊيو، لوڪاشينڪو 1994ع کان بيلاروس جو صدر جي حيثيت سان اقتدار ۾ آهي

رپورٽ موجب اهو هڪ ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن پينل اتفاق راءِ سان ڪنهن شخص کي سال جو ڪرپٽ ترين شخص قرار ڏنو آهي