دنانير بلال عباس سان شادي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

0
276

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني انٽرنيٽ سينسيشنل سليبرٽي، اداڪارا دنانير مبين اداڪار بلال عباس خان سان شادي جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو.انسٽاگرام تي دنانير جي هڪ مختصر ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ هڪ سوال ۾ آپشن طور ڏنل ٽن نالن بابت جواب ڏئي رهي آهي

کانئس ٽن اداڪارن جي نالن جو آپشن ڏيندي پڇيو ويو ته هوءَ انهن مان ڪنهن سان شادي ڪندي، ڪنهن جو قتل ڪندي ۽ ڪنهن سان ڊيٽ تي وڃڻ پسند ڪندي؟سوالن جي جواب ۾ دنادير چيو ته احمد رضا شادي ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري مان ان کي قتل ڪرڻ چاهينديس ۽ بلاول عباس خان سان شادي ڪرڻ چاهينديس، هن وڌيڪ چيو ته مان اداڪارا شهريار منور سان گڏ ڊيٽ تي وڃڻ پسند ڪنديس